وزيراعظم جي آبادگارن کي آسان شرطن تي قرض ڏيڻ لاءِ پلان تيار ڪرڻ هدايت

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آبادگارن کي آسان شرطن تي قرض ڏيڻ لاءِ لائحه عمل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ زرعي ترقي ۽ ايگري فنانسنگ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم آبادگارن کي آسان شرطن تي قرض ڏيڻ لائحه عمل ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته 12 ايڪڙ کان گهٽ زمين رکندڙ آبادگارن کي زرعي سهولتون فراهم ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ڇو ته پاڪستان جي ترقي زرعي شعبي ۽ آبادگارن جي پيداوار جي ويليو ايڊيشن سان مشروط آهي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته زرعي شعبي جي واڌاري لاءِ ننڍن آبادگارن کي سهولتون ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي.

جُولاءِ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو