هر پندرنهين ڏينهن پيٽروليم جي اگهن۾ واڌ وارو نه ختم ٿيندڙ ظلم

Spread the love

حڪومت جي معاشي سوچ ۽ حڪومتي پاليسين جي نتيجي ۾ پاڪستان جو عام ماڻهو اڄ جن حالتن مان گذري رهيو آهي، اُن جو لفظن ۾ اظهار ڪرڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪڏهن مهانگائي، ڪڏهن بيروزگاري، ڪڏهن بجليءَ جا اگهه ته ڪڏهن گئس جي کوٽ، پر انهن سڀني عذابن جي وچ ۾ جيڪو سلسلو بنا روڪ ۽ ٽوڪ جي جاري آهي، اهو آهي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هر پندرنهين ڏينهن وفاقي حڪومت هن مهيني جولاءِ ۾ لاڳيتو ٻيو ڀيرو جو بم ڪيرائيندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ غيرمعمولي واڌ جو اعلان ڪيو،

ناڻي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 36 پئسا واڌ ڪري، ان کي 272 رپيا 15 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 11 رپيا 37 پئسا واڌ سان نئين قيمت 284 رپيا 35 پئسا في ليٽر ڪئي وئي آهي. ان جي مقابلي ۾ ڪيروسين آئل ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي ڪري، رڳو ’مسيحائي انداز‘ اختيار ڪرڻ جي اداڪاري ڪئي وئي آهي، جيڪا درحقيقت عوام سان زيادتي آهي، ڇاڪاڻ⁠ته جن شين جو استعمال هاڻ عام زندگيءَ مان تقريباً ختم ٿي چڪو آهي، انهن جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري حڪومت اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته ڄڻ ته هو عوام تي احسان ڪري رهي آهي.هن مهيني اندر اهو ٻيو ڀيرو آهي، جو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. اهڙي تسلسل سان ٿيندڙ اضافو هاڻ رڳو معاشي دٻاءُ نه پر عوام جي زندگين کي اونداهين ۾ ڌڪڻ جو رستو بڻجي ويو آهي. خاص طور تي ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ جو مطلب آهي ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌڻ، زرعي لاڳت وڌڻ، شهري ۽ ڳوٺاڻن مارڪيٽن ۾ کاڌ خوراڪ جي شين جا اگهه وڌڻ، ۽ نيٺ اها واڌ عام ماڻهوءَ جي چُلهه کي وسائڻ تائين وڃي پهچڻ.

حڪومت جنهن وقت اقتدار سنڀاليو، تڏهن عوام سان وڏن واعدن ۽ دعوائن جا سلسلا هئا. چيو ويو ته معاشي استحڪام آندو ويندو، عام ماڻهوءَ کي رليف ڏنو ويندو، پر هن حڪومت جي سموري حڪمت عملي رڳو آءِ ايم ايف جي آشيرواد سان ملڪ هلائڻ، عالمي قرض ڏيندڙ ادارن جي اڳيان جهڪڻ، ۽ عوام مٿان بنا ڪنهن رحم جي قيمتن جا پهاڙ وسائڻ تائين محدود رهي آهي. جنهن حڪومت جا حڪمران، وزير گاڏين ۾ مفت پيٽرول وجهرائيندا هجن جن جي بنگلن تي سئو سئو يونٽ بجلي به فري هجي، اهي ڪيئن عام ماڻهوءَ جي تڪليف کي سمجهي سگهن ٿا؟ اهو عام ماڻهو، جيڪو ڏينهن جو اجالي ۾ مزدوري ڪري، شام جو پنڌ ڪري، ٻن ويلن جي رزق لاءِ پيٽرول جي قطارن ۾ بيٺو هوندو آهي، ان لاءِ ته هاڻ 100 رپيا جو پيٽرول به هڪ خوشيءَ جو موقعو بڻجي چڪو آهي

اها صورتحال هاڻي رڳو معاشي بحران تائين محدود ناهي پر، هي انسانيت جو، غربت جي انساني حقن جو، ۽ عوامي صبر جي آزمائش جو بحران بڻجي چڪو آهي. جيئن ته مهانگائي فقط بازارن جي اگهن جو نالو ناهي، پر اها اميدن جي قتل جو عمل آهي، جيڪو هر پندرنهن ڏينهن کانپوءِ نئين شڪل اختيار ڪري اچي ٿو.شهري ته ٺهيو، ڳوٺاڻا ماڻهو، جيڪي پنهنجي جيون جي اميدن کي زرعي پيداواري وسيلي سان وابسته رکن ٿا، اهي به هاڻ انهي واڌ جي ڪري شديد پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن. زرعي مشينري، ٽريڪٽر، واٽر پمپس، ٿريشر، اسپري مشين، سڀ ڪجهه ڊيزل تي هلي ٿو. هڪڙي ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ به اضافو، انهن جي سڄي پيداواري چڪر کي ويتر مشڪل بڻائي ٿو، جنهن جو اثر نه صرف زميندار تي پر عام صارف جي ٻاڙيجن، ڀاڄين، اٽي، چانور ۽ کير تي به اچي ٿو.حڪومت جا اقتصادي صلاحڪار، مالي پاليسي ٺاهيندڙ ۽ اقتدار جا ڌڻي جڏهن اگهن ۾ واڌ جا جواز بيان ڪن ٿا، ته اهي اهو وساري ويهن ٿا ته هي ملڪ رڳو اسلام آباد جي ايئر ڪنڊيشنڊ آفيسن تائين محدود ناهي. هي ملڪ انهن ڳوٺن ۽ شهرن جو به آهي، جتي ماڻهو اڄ به رات جي ماني جي بدران پاڻيءَ سان پيٽ ڀري سمهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. جن خاندانن لاءِ رڳو ڪم تي وڃڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي پيٽرول ڀرائڻ به هاڻ هڪ ’لگزري‘ بڻجي وئي آهي، انهن لاءِ پيٽرول جو في ليٽر 272 رپين تي پهچڻ رڳو انگ ناهي، پر اهو سندن زندگيءَ کي نئين ڏک، نئين اونداهيءَ ڏانهن ڌڪڻ آهي.حڪومت هاڻ صرف ناڪام نه پر بيحس ٿي چڪي آهي. وفاقي قيادت جا بيان ٻڌي لڳي ٿو ته اهي ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهرين جي باري ۾ ڳالهيون پيا ڪن، جن جي غربت، افلاس، بيروزگاري ۽ مايوسيءَ سان سندن ناتو ئي ناهي.

جن ڌرين وٽ اختيار آهي، جن وٽ زبان آهي، جن وٽ قوت آهي، اهي به هاڻ خاموش آهن. جن سياسي جماعتن مهانگائي خلاف ايوانن کي جهوريندڙ نعرا هنيا هئا، اهي اڄ پاڻ ئي حڪومتي ڪرسين تي ويهي مهانگائيءَ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري رهيا آهن. جن مذهبي ڌرين پنهنجن خطابن ۾ ظلم خلاف اعلان جنگ ڪيو هو، اهي اڄ رڳو خاموشيءَ سان حالتن کي ڏسي رهيا آهن.

اهو به افسوسناڪ پهلو آهي ته قيمتن ۾ هر پندرنهن ڏينهن بعد واڌ هڪ معمولي ۽ ’معمولي‘ ڪارروائي بڻجي وئي آهي. ڪو احتجاج ناهي، ڪو عوامي دٻاءُ ناهي، ۽ نه ئي ڪا سياسي پارٽي ان مهانگائي خلاف منظم مزاحمت ڪري رهي آهي. لڳي ٿو ته اسان سڀ ڪنهن اڻڄاتل غلاميءَ ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، جتي حڪمران ڌڪ هڻن ٿا ۽ رعيت چپ چاپ انهن ڌڪن کي پنهنجي قسمت سمجهي قبول ڪري ٿي. ان سڄي صورتحال ۾ ذميواري رڳو حڪمران ڌُرين جي ناهي، پر خاموش سماج جي به آهي، جنهن مان مزاحمت، شعور ۽ سوال ڪرڻ جو مادو ختم ڪيو ويو آهي.

مهانگائي رڳو هڪ اقتصادي چئلينج نه پر سياسي ناڪاميءَ جو نتيجو آهي. ڇاڪاڻ⁠ ته هڪ بهادر، اصولي، عوام دوست قيادت پنهنجي ماڻهن کي مهانگائيءَ جي اهڙي دوزخ ۾ اڇلائڻ جي جرئت نه ڪري ها. اها رڳو هڪ اهڙي حڪومت ڪري سگهي ٿي، جيڪا اقتدار ته سنڀالي چڪي هجي، پر اخلاقي بنياد وڃائي چڪي هجي. جنهن لاءِ عوام رڳو اليڪشن جي ڏينهن جو ووٽر هجي، ان کان پوءِ جيئندڙ انسان نه.

ان تناظر ۾ ’رياست جي بدلي حڪومت‘ جو تصور بيحد خطرناڪ بڻجي چڪو آهي، ڇاڪاڻ⁠ته اها رڳو چهرن جي تبديلي آهي، نظام جي نه. ۽ جڏهن نظام نااهلي، ظلم ۽ بي حسيءَ تي ٻڌل هجي، تڏهن ڪو به نئون چهرو به ڪنهن تبديليءَ جو پيغام نٿو ڏئي سگهي

جُولاءِ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو