مٺي: صحافين پاران روزاني عبرت جي آفيس تي حملي جي سخت مذمت، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو

Spread the love

مٺي(ڊ-ر) پريس ڪلب مٺي جي صحافين نظام سمون، کاٽائو جاني، نندلال لوهاڻو، جي آر جوڻيجو، علي گُل رند، اعجاز انڙ، الهڏنو بجير ۽ ٻين روزاني عبرت ڪراچي جي آفيس تي هٿياربندن پاران ڪيل حملي ۽ ڀڃ ڊاھه واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته اسان عبرت اخبار جي آفيس تي ٿيل حملو صحافت تي هڪ وار سمجهون ٿا ۽ عبرت اخبار هميشه مظلومن جو آواز رهي آھي ۽ اهڙين ڪريل حرڪتن سان مظلومن جي آواز کي دٻائي نٿو سگهجي.

 هنن سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته حملي ۾ ملوث دهشتگردن خلاف سخت قدم کڻي فورن گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

جُولاءِ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو