سڪرنڊ: فائرنگ ۾ نوجوان سليمان چانڊيو قتل، مري برادري جا پنج ڄڻا نامزد، جاچ جاري

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ)ٻه ڏينهن اڳ سڪرنڊ ۾ ٿيل واقعي ۾  فائرنگ جي واقعي ۾ چانڊيا برادري جي نوجوان سليمان چانڊيو کي قتل ۽ هڪ زخمي شخص جي واقعي جي حوالي سان سڪرنڊ پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آهي.پوليس ذريعن موجب ڪيس ۾ مري برادري جي پنجن ماڻهن قربان مري، فرحان مري،

 شاهنواز مري، جهنڊو خان مري ۽ خير محمد مري کي نامزد ڪيو ويو آهي. واقعي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

جُولاءِ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو