سانگهڙ: FAO ۽ GCF جي سهڪار سان آٽوميٽڪ ويڌر اسٽيشنز جو افتتاح، موسمي ڄاڻ هارين لاءِ ڪارائتي قرار

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (FAO)، اقوام متحده جي، گرین کلائمیٹ فنڊ (GCF) جي سهڪار سان موسمي تبديليءَ سان هم آهنگ زراعت ۽ پاڻي جي انتظام واري منصوبي تحت، سنڌ ۾ آٽوميٽڪ ويڌر اسٽيشنز (AWS) جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ميٽيرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ (PMD) ۽ سنڌ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ (SID) جي وچ ۾ انهن اسٽيشنز جي مينجمينٽ لاءِ تعاون جي خط تي صحيحون ڪيون ويون، هي اسٽيشنون سانگهڙ، بدين، ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ لڳايون پيون وڃن،

 جيڪي حقيقي وقت ۾ گرمي پد، هوا جي رفتار، برسات، مٽي جي نمي، ۽ ٻين اهم موسمي ڄاڻ مهيا ڪنديون. هي ڄاڻ نه صرف حڪومتي ۽ علمي ادارن لاءِ ڪارائتي هوندي، پر عام هارين لاءِ به انتهائي فائديمند ثابت ٿيندي، ڊاڪٽر جوليس موچيمي، FAO سنڌ جي سربراهه چيو، اهي اسٽيشنون هارين کي بروقت فيصلن لاءِ مدد ڏينديون، جيئن ته پاڻي جي بچت، فصل جي رٿابندي، ۽ آفتن کان اڳ خبرداري حاصل ڪري سگهن، منير احمد جماني، ڊي جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن، چيو ته،

 اها سهولت پاڻي جي سمارٽ استعمال سان فصلن جي پيداوار ۾ بهتري آڻيندي، ايميلڊا بريجينا، FAO جي ٽيڪنيڪل ايڊوائزر، “ACWA پورٽل” متعارف ڪرائيندي چيو ته هي پورٽل حڪومتي فيصلا سازن لاءِ انتهائي اهم ڊيٽا فراهم ڪندو، محمد افضل، چيف ميٽيرولوجسٽ PMD، چيو ته، هاڻ هاري صحيح وقت تي آبپاشي، زرعي اسپري، ۽ ٻين عملن لاءِ بهتر فيصلا ڪري سگهندا، صاحبزاد خان، ڊائريڪٽر جنرل PMD چيو،

 اڄ جو ڊيٽا سڀاڻي جي منصوبابنديءَ لاءِ اهم هوندو—چاهي اها ڊيم هجي، يا موسمي خطري جي رٿابندي، فلورنس رولے، FAO پاڪستان جي نمائندي، چيو، اسان چاهيون ٿا ته حڪومت هن سسٽم کي عوام جي بهتري لاءِ استعمال ڪري، ۽ گڏجي اڳتي وڌي موسمي چئلينجن جو مقابلو ڪريون، ساجد علي ڀٽو، اسپيشل سيڪريٽري، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ، مڪمل تعاون جي خاطري ڏني، ڊاڪٽر الطاف علي سيال، وائس چانسلر سنڌ زرعي يونيورسٽي، چيو، شاگردن ۽ ريسرچ ڪندڙن لاءِ هي ڊيٽا هڪ نئين دنيا کولي ڇڏيندو، هي اسٽيشنون هارين کي فصلن جي منصوبابندي،

پاڻي جي سمارٽ استعمال، ۽ موسمي آفتن کان تحفظ فراهم ڪنديون، جنهن سان زرعي واڌ، وسيلن جي تحفظ، ۽ خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هي قدم سنڌ ۾ هڪ پائيدار ۽ موسمي تبديليءَ سان هم آهنگ زرعي نظام جي اڏاوت لاءِ اهم سنگ ميل آهن. بعد ۾ يواين وفد ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد سان ملاقات ڪئي ۽ ضلعي انتظاميا پاران پرڏيهي مهمانن لاء بهترين انتظام ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.

جُولاءِ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو