دادو: سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد مزمل لنڊ ٻن ڏينهن کان گم، وارثن پاران ڳولا لاءِ مدد جي اپيل

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي)دادو: سنڌ يونيورسٽي جو شااگرد نوجوان مزمل لنڊ ٻن ڏينهن کان لاپتا، وارث پريشان   دادو ضلعي جي تعلقه جوهي جي ڳوٺ شير خان لنڊ سان تعلق رکندڙ، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جو شاگرد مزمل لنڊ گذريل ٻن ڏينهن کان لاپتا آهي، جنهن سبب سندس گهر ۾ ڏک ۽ پريشاني جو ماحول ڇانيل آهي مزمل لنڊ،

جيڪو ڄام شورو مان پنهنجي ڳوٺ واپس اچي رهيو هو، 2 ڏينهن اڳ گھر لاءِ روانو ٿيو، پر اڃا تائين پنهنجي منزل تي نه پهتو. وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو موبائل فون پڻ بند اچي رهيو آهي، جنهن ڪري ڳڻتي وڌي رهي آهي نوجوان جي گمشدگي بابت وارثن حد جي پوليس سان رابطو ڪيو، پر پوليس طرفان اڃا تائين ڪو به سراغ نٿو ملي سگهي. هن مهل تائين مزمل لنڊ جي باري ۾ ڪا به اطلاع نٿي ملي سگهي وارثن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نوجوان جي ڳولا لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن

جُولاءِ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو