بهاولنگر: برسات جي پاڻي ۾ وهنجندي 3 ٻارڙا ٻڏي فوت

بهاولنگر (ويب ڊيسڪ) ۾ برسات جي پاڻي ۾ وهنجندي 3 ٻاررڙا ٻڏي فوت ٿي ويا.
پنجاب جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، جنهن سبب ڪيئي علائقن ۾ ڪيترائي فوٽ پاڻي بيهجي ويو آهي.
بهاولنگر ۾ برسات جي پاڻي ۾ وهنجندي 3 ٻار ٻڏي فوت ٿي ويا.
ان کانسواءِ فيصل آباد ۾ به برسات سبب ڇت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
ٻئي پاسي حافظ آباد ۾ پاڻي جي نيڪال واري معاملي تي جهيڙي دوران مخالف ڌر جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا.
واضح رهي ته پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جاري برساتن دوران پيش آيل حادثن ۾ گذريل چويهه ڪلاڪن دوران 63 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.