بنگلاديش، سرينلڪا کان ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽي پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

Spread the love

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سريلنڪا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان کٽي ورتي.
ڪولمبو ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو پر ميزبان ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 132 رنسون ٺاهي سگهي.
پاٿم نسانڪا 46، ڊاسن شناڪا 35، ڪمندو مينڊس 21 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
بنگلاديش طرفان مهدي حسن 4، شريف الاسلام، مستفيض الرحمان ۽ شميم حسين هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ بنگلاديش گهربل هدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 16.3 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو، تنزيد حسن 73 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڪپتان لٽن داس 32 ۽ توحيد 27 رنسون ٺاهيون.
واضح رهي ته پاڪستان ٽيم هن وقت بنگلاديش ۾ موجود آهي، جيڪا مهمان ٽيم خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.

جُولاءِ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو