آمريڪي صدر جي پاڪستان جي دوري بابت خبرون، پرڏيهي کاتي جو ر ردعمل اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان جي دوري بابت اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي.
شفقت علي خان پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دوري بابت چيو ته کيس اهڙي ڪنهن دوري جي ڄاڻ ناهي.
ان کان اڳ اِها خبر سامهون آئي هئي ته آمريڪي صدر ٽرمپ 18 سيپٽمبر تي پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچندو، جتي هو پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته آمريڪي صدر ٽرمپ 17 کان 19 سيپٽمبر تائين برطانيا جو دورو ڪندو، جڏهن ته ان سلسلي ۾ برطانوي رائل پيلس به تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي صدر بادشاهه چارلس جي دعوت تي برطانيا پهچندو.