40 هزار زائرين ايران، عراق ۽ شام ۾ گم ٿي ويا، غائب ٿيندڙن جو رڪارڊ ناهي: حڪومت

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي مامرن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف انڪشاف ڪيو آهي ته اٽڪل 40 هزار زائرين، جيڪي ايران، عراق ۽ شام زيارت لاءِ ويا، اُهي ڪيڏانهن غائب ٿي ويا، ان بابت حڪومت وٽ ڪو رڪارڊ ناهي.
سردار محمد يوسف جو چوڻ هو ته حڪومت وٽ گم ٿيل زائرين جي ڪا به باظابطا ڊيٽا موجود نه آهي ۽ ايران، عراق ۽ شام به پاڪستان سان هي مسئلو اُٿاريو هو.
سندس چوڻ هو ته هاڻ زائرين کي منظم ڪرڻ لاءِ حڪومت هڪ نئون ڪمپيوٽرائزڊ نظام متعارف ڪرايو آهي، جنهن تحت زائرين هاڻي رڳو مخصوص رجسٽرڊ زائرين گروپ آپريٽرز (ZGOs) جي ذريعي ئي سفر ڪري سگهندا.
وفاقي وزير موجب، هن وقت تائين 1400 کان وڌيڪ ڪمپنين مذهبي معاملن واري وزارت وٽ زيارت گروپ آرگنائيزر طوررجسٽريشن لاءِ درخواستون ڏنيون آهن.
هن چيو ته ايران ۽ عراق جي مقدس ماڳن جي زيارتن لاءِ نئون منظم نظام آندو پيو وڃي ۽ پراڻو قافلو سالار وارو نظام جلد ختم ڪيو ويندو، جيڪي ڪمپنيون زيارتن جي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿيون، اُهي جلد کان جلد وزارت سان رجسٽريشن ڪرائن.
سردار محمد يوسف چيو ته وفاقي ڪابينا زائرين لاءِ نئين نظام جي منظوري ڏئي چڪي آهي، جنهن بعد وزارت طرفان هڪ اشتهار جاري ڪيو ويو، سڪيورٽي طور ڪليئر ٿيل 585 ڪمپنين کي هدايت ڏني وئي آهي ته هو وزارت جي ويب سائيٽ ذريعي 31 جولاءِ کان اڳ پنهنجون دستاويزون آن لائن جمع ڪرائن.
هن ٻڌايو ته وزارت پاران ٻيو اشتهار پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت نيون ڪمپنيون جيڪي ZGO طور ڪم ڪرڻ چاهين ٿيون، اهي پنهنجون درخواستون 10 آگسٽ تائين جمع ڪرائي سگهن ٿيون.
هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته حج ۽ عمري سان گڏوگڏ زائرين جي ذميواري به مذهبي معاملن واري وزارت جي آهي. ماضي ۾ ايران، عراق ۽ شام ويندڙ زائرين لاءِ ڪو به خاص نظام نه هوندو هو. زائرين کي منظم ڪرڻ جي منظوري سال 2021ع ۾ ڏني وئي هئي، پر گذريل حڪومت جي دور ۾ ان تي ڪابه اهم اڳڀرائي نه ٿي سگهي.

جُولاءِ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو