ڀان سيد آباد پوليس جي ڪارروائي: غير قانوني هٿيار رکڻ تي هڪ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل، جاچ جاري

Spread the love

سيوھڻ( رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)ضلعي پوليس ڄامشورو جي پريس رليز مطابق ڀان سيد آباد پوليس جي ڏوهاري ۽ شڪي ماڻهن خلاف ڪارروائي، غير قانوني هٿيار هٿ هڪ شڪي شخص گرفتار،

ايس ايس پي ڄامشورو جناب ظفر صديق ڇانگا جي هدايتن تي، ڀان سيد آباد پوليس پاران هڪ اثرائتي ڪارروائي دوران غير قانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي،ايس ايڇ او ڀان سيد آباد محمد علي کوکر جي اڳواڻي ۾ آپريشن ۾ جوابدار عمران علي جمالي کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جنهن جي قبضي مان هڪ پستول ۽ هڪ ميگزين هٿ ڪيو ويو

جنهن ۾ 3 رائونڊ هئا،ملزم خلاف سنڌ آرمز ايڪٽ 2013 جي سيڪشن 24 تحت پوليس اسٽيشن ڀان سيدآباد ۾ ڪيس نمبر 86/2025 داخل ڪيو ويو آهي، هٿ ڪيل هٿيار جوابدار جي قبضي ۾ بغير لائسنس جي هئو، هٿيارن جي غير قانوني خريداري ۽ وڪري ۾ ملوث ٻين عنصرن تائين پهچڻ لاءِ ڀان سيدآباد پوليس پاران گرفتار ڪيل جوابدار خلاف وڌيڪ جاچ جاري آهي،01 ڏوهه نمبر 86/2025 U/S 24 SAA 2013 @ PS BHAN.

جُولاءِ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو