عمران خان ۽ غلام سرور پي آءِ اي کي قبرستان بڻايو، ڪارروائي جو فيصلو ڪابينا ڪندي: خواجا آصف

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان ۽ غلام سرور خان قومي ايئر لائين (پي آءِ اي) کي قبرستان بڻايو، هاڻ پابندي ڇو لڳي ان جو تعين ڪرڻ حڪومت ذميواري آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته پاڪستان جو نالو ايئر سيفٽي لسٽ مان نڪرڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي، سٺي طريقي سان پي آءِ اي تي مڙهيل پابنديون ختم ٿي ويون، ان پابندي سبب قومي سڃاڻپ ۽ اربين رپين جو نقصان ٿيو.
هن چيو ته قومي ايئر لائين کانسواءِ هڪ نجي ايئر لائين کي به برطانيا طرفان اجازت ملي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته نيويارڪ جون اُڏامون به ٻيهر بحال ڪيون، پاڪستان پرڏيهه ۾ پنهنجين پروازن لاءِ آپريٽنگ لائسنس لاءِ درخواست ڏيندو.
خواجا آصف جو چوڻ هو ته اڳوڻي وزير غلام سرور جي قدمن سبب پي آءِ اي تي پابنديون لڳيون، سندس بيان غلط ثابت ٿيو، غلام سرور خان پنهنجي اداري خلاف جيڪو عمل ڪيو، اهو قومي ڏوهه هو، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جو باني ڀاڱي ڀائيوار هو، انهن ٻنهي پي آءِ اي کي قبرستان بڻايو.
وزير دفاع چيو ته پي آءِ اي تي پابندي ڇو لڳي، ان جو تعين ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ادارتي ڪارروائي بابت فيصلو گڏيل طور ڪيو ويندو، جيڪو ڪابينا ڪندي.
هن چيو ته وزيراعظم گذريل ٽن سالن دوران قومي ايئر لائين جي بحالي ۾ ذاتي دلچسپي ورتي، اڄوڪي ڪاميابي کانپوءِ پي آءِ اي کي بهتر قيمت تي خانگايو ويندو، هاڻ اسان لاءِ ايوي ايشن انڊسٽري جا در کلي ويا آهن، ۽ هاڻ لنڊن وڃڻ لاءِ دبئي رستي پر سڌي اُڏام ذريعي وڃي سگهبو.
واضح رهي ته برطانيا پاڪستاني ايئر لائينز تي ڊگهي عرصي کان مڙهيل پابنديون ختم ڪري ڇڏيون آهن ۽ برطانوي هاءِ ڪمشن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ايئر لائينز هاڻ برطانيا لاءِ اُڏامن جي درخواست ڏئي سگهي ٿي.

جُولاءِ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو