سکر ۾ پاڪستان بيت المال پاران “نظام جي بهتري ۽ صلاحيتن جي تعمير” تي جامع سيشن، پاليسين ۽ ويزن تي تفصيلي روشني
سکر( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ )پاڪستان بيت المال سکر انتظاميا طرفان “نظام جي بھتري ۽ صلاحيتن جي تعمير” جي عنوان تي ھڪ جامع سيشن جو انعقاد خبر موجب مقررن پاران پاڪستان بيت المال جي ويزن ۽ پاليسين تي روشني وڌي وئي پاڪستان بيت المال جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سينيٽر ڪيپٽن شاهين خالد بٽ ۽ ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد ذيشان دانش جي ويزن تحت پاڪستان بيت المال آفيس سکر ۾ “نظام جي بھتري ۽ صلاحيتن جي تعمير” جي عنوان تي ھڪ جامع سيشن منعقد ٿي گذريو.
سيشن ۾ پاڪستان بيت المال ضلعي آفيس سکر جي آفيسرن ۽ عملي کان علاوھ سکر جي چائلڊ ليبر بابت بحالي واري اسڪول، عورتن جي خودمختياري واري مرڪز ۽ پاڪستان سويٽ ھوم سکر جي آفيسرن ۽ عملي پڻ شرڪت ڪئي۔ سيشن جي ماسٽر ٽرينر ۽ ڊائريڪٽر بيت المال سنڌ عبدالحفيظ مھيسر پاڪستان بيت المال جي ويزن کي اجاڳر ڪيو ۽ متعارف ڪيل پاليسين بابت وضاحت ڪئي۔
انھيءَ موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال سکر شبير احمد ميمڻ، مس تنوير، رائمہ گل ۽ مسرت جبين پڻ منعقد ڪيل سيشن کي پاليسين بابت تفصيلي طور تي آگاهي ڏني۔ سيشن جي مقررن بيت المال جي متعارف ڪرايل پاليسين تي روشني وجھندي چيو تہ ڪانفلڪٽ آف انٽريسٽ، وسل بلوئنگ ۽ آرگنائيزيشنل بيھيويئر نالي پاليسيون اداري اندر متعارف ڪرايون ويون آهن جيڪي مثبت ۽ شفاف ڪم واري ماحول کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿينديون.
ھنن ٻڌايو تہ ڪانفلڪٽ آف انٽريسٽ پاليسي جو مقصد وقار، ايمانداري ۽ شفافيت کي هٿي ڏيڻ آهي تہ جيئن بدعنواني ۽ مفادن جي ٽڪراءَ جو خاتمو ڪري سگهجي، جڏھن تہ وسل بلوئنگ پاليسي عملي کي غير اخلاقي عملن جي رپورٽ ڪرڻ بابت همٿ افزائي ڪري ٿي، جنهن سان اداري اندر احتساب جو نظام مضبوط ٿئي ٿو۔
مقررن جو چوڻ ھو تہ ٽين پاليسي آرگنائيزيشنل بيھيويئر پيشيواراڻن روين کي واضح ڪري ٿي ۽ اداري جي سمورن شعبن ۾ عزت، تعاون ۽ ذميواري جي احساس کي اجاڳر ڪرڻ ۾ فائديمند ثابت ٿيندي۔#
جُولاءِ 16, 2025