سکر: مهراڻ مرڪز کي مخدوش قرار ڏيڻ واري خبر جي ترديد، عمارت مڪمل طور محفوظ قرار – ايسوسيئيشن پاران واپارين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي اپيل
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) مهراڻ مرڪز ايسوسيئيشن جي صدر ممتاز لڪي، چندر ڀان، دانش شيخ، نسيم هاشمي ۽ ٻين عهديدارن سوشل ميڊيا تي هلندڙ انهن خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي، جن ۾ دعويٰ ڪيو ويو هو ته سکر جي ڪجهه عمارتن کي مخدوش قرار ڏنو ويو آهي، جن ۾ مهراڻ مرڪز جو نالو به شامل آهي.
پريس بيان ۾ ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چيو آهي ته اهڙيون خبرون سراسر بي بنياد، گمراهه ڪندڙ ۽ واپارين ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ جي هڪ سازش آهي.هنن واضع ڪيو ته مهراڻ مرڪز بابت اسان وٽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي باقاعده تحرير ٿيل رپورٽ موجود آهي، جنهن ۾ مرڪز کي مڪمل طور محفوظ ۽ خطري کان ٻاهر قرار ڏنو ويو آهي.
صدر مهراڻ مرڪز ممتاز لڪي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي مٿيان خبرون اچڻ کان پوءِ اسان پاڻ لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪيو ۽ انهن کان رپورٽ جي تصديق ڪرائي، جنهن ۾ واضح طور چيو ويو ته مهراڻ مرڪز جو ان فهرست سان ڪو به تعلق ناهي ۽ هي عمارت واپار ۽ رهائش لاءِ مڪمل طور محفوظ آهي.هن مهراڻ مرڪز ۾ ڪاروبار ڪندڙ سڀني دوڪاندارن ۽ رهواسين کان اپيل ڪئي ته اهي اهڙين ڪوڙين خبرن تي ڌيان نه ڏين ۽ بي خوف پنهنجو ڪاروبار جاري رکن۔اوهان واپارين اسان تي اعتماد ڪيو آهي،
انشاءَ الله اسان اوهان جي اعتماد تي پورو لهنداسين، مارڪيٽ کي محفوظ رکڻ ۽ واپارين جي مفادن جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي، ممتاز لڪي وڌيڪ چيو ته اسان سڀني لاءِ اها اطمينان بخش ۽ خوشي جي ڳالهه آهي ته مهراڻ مرڪز خطري کان ٻاهر آهي.هن سڀني واپارين کي اپيل ڪئي ته هو اتحاد ۽ اتفاق قائم رکن ۽ مهراڻ مرڪز ايسوسيئيشن سان گڏجي هلن ته جيئن مستقبل ۾ به انهن جي مسئلن جو بهتر طريقي سان حل نڪري سگهي.
جُولاءِ 16, 2025