برطانيا پاڪستاني ايئر لائينز تي مڙهيل پابنديون ختم ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برطانيا پاڪستاني ايئر لائينز( پي آءِ اي) تي ڊگهي عرصي کان مڙهيل پابنديون ختم ڪري ڇڏيون.
برطانوي هاءِ ڪمشن موجب، پاڪستاني ايئر لائنز کي برطانيا لاءِ اُڏامن جي اجازت حاصل ڪرڻ لاءِ برطانيا جي سول ايوي ايشن اٿارٽي (يو ڪي سي اَي اَي کان لائسنس وٺڻو پوندو.
برطانوي هاءِ ڪمشن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ايئر سيفٽي لسٽ مان هڪ آزاد ۽ فني عمل ذريعي ڪڍيو ويو.
پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو آهي ته ”هوءَ پاڪستاني ايئر لائين سان سفر جي منتظر آهي، ۽ هوءَ سمجهي ٿي ته پاڪستان سان هوائي رابطا ٻيهر بحال ٿيڻ سان خاندانن کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي.
ياد رهي ته مئي 2020ع ۾ ڪراچي ۾ پي آءِ اي جي جهاز سان پيش آيل حادثي کانپوءِ، ان وقت جي هوابازي واري وزير پارليامينٽ کي آگاهه ڪيو هو ته ملڪ جي هڪ ڀاڱي ٽي ڪمرشل پائلٽن وٽ جعلي ڊگريون آهن، ان انڪشاف کانپوءِ، جون 2020ع ۾ برطانيا ۽ يورپ طرفان پاڪستاني اُڏامن تي پابندي مڙهي وئي هئي.
حڪومت جي مسلسل ڪوششن کانپوءِ گذريل سال نومبر ۾ يورپي يونين پاڪستاني ايئر لائينز تان پابندي ختم ڪئي ۽ هاڻ برطانيا به اها پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي.