انساني حقن جي تحفظ لاءِ خدمتون: شاھلا قريشي کي وزيراعليٰ جي خاص مددگار راجوير سنگھ پاران اعزازي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو
ڇور(رپورٽ:لالجي سوڍو) انساني حقن جي تحفظ لاءِ نمايان خدمتن تي شاھلا قريشي کي اعزازي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو سنڌ جي وزير اعليٰ جي خاص مددگار براءِ انساني حقوق، راجوير سنگھ سوڍو ، اڄ پنهنجي آفيس ۾ پوليـس سروس آف پاڪستان (PSP) سان لاڳاپيل، شاھلا قريشي، اسسٽنٽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليـس (AIG) براءِ جينڊر ڪرائيم ۽ انساني حقن، کي سندن مثالي خدمتن جي اعتراف ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو، محترمه شاھلا قريشي طرفان سنڌ ۾ انساني حقن جي تحفظ،
عورتن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف ڪارروائين ۽ جينڊر بنياد تي ٿيندڙ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ڪيل ڪوششن کي وڏي ساراهه ملي رهي آهي، ان موقعي تي راجوير سنگھ سوڍو چيو ته اهڙا آفيسر ادارن جي نيڪ نامي جو سبب بڻجن ٿا، ۽ سنڌ حڪومت اهڙين فرض شناس آفيسرن کي هميشه همٿائيندي رهندي، سرٽيفڪيٽ ڏيڻ واري تقريب دوران انساني حقن سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
جُولاءِ 16, 2025