اجرڪ جي ڊيزائن واري نمبر پليٽ کي نه تڪراري بڻايو نه بدنام ڪيو\نيٺ اهو ئي ٿيو … ٻن ڪلاڪن جي برسات حيدرآباد شهر کي ٻوڙي ڇڏيو!

Spread the love

اسان وٽ اهو تصور اڃان رائج ناهي ٿيو ته حڪومتون يا حڪمران غلط فيصلن يا عملن تي ٿيندڙ تنقيد کي پاڻ مٿان عوام جو احسان سمجهي ڪري ان غلط فيصلي کي رد ڪندي پنهنجي اصلاح ڪن ۽ عوام جي جي راءِ جو احترام ڪري حقيقي عوامي حڪومت هئڻ جو تاثر ڏين. مثال طور سنڌ جي عظيم ثقافت اجرڪ جي ڊيزائن کي سنڌ حڪومت گاڏين جي نمبر پليٽن تي لڳائڻ جو فيصلو ته بهترين ڪيو آهي پر ان عمل کي ٽريفڪ اهلڪارن پنهنجي ناجائز ڪمائي جو ذريعو بڻائي ان کي بدنام به ڪيو آهي. اجرڪ واري نمبر پليٽ اونئن ئي سنڌ دشمن ۽ تعصب پرست ڌرين ۽ جماعتن کي اکين ۾ ڪنڊو بڻجي چُڀي رهي آهي ۽ ٽريفڪ اهلڪار انهن کي وري ان خلاف هاءِ گهوڙا ڪرڻ جو موقعو به ڏئي رهيا آهن.

 اجرڪ واري ڊيزائين کي نمبر پليٽ تي سنڌ ۾ سوشل ميڊيا تي بحث مباحثي جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ٽوئيٽر (ايڪس) تي سوشل ميڊيا صارف سوال اٿاري رهيا آهن ته ٽريفڪ پوليس رڳو موٽر سائيڪل سوارن کي ڇو چالان ڪري رهي آهي، وڏين گاڏين ۽ ويڳو ڊالن کي ته رڳو سليوٽ ڪري اڳتي ڪيو وڃي ٿو. هڪ نوجوان وڊيو  شيئر  ڪئي جنهن ۾ هو دانهن ڏئي رهيو آهي ته اسان جي ڏهاڙي هڪ هزار روپيا آهي ۽ چالان ۽ نمبر پليٽ جي رقم هڪ هزار ۽ 2500 روپين تائين آهي ته اسان ڪٿان آڻيون.

چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن اوهان سنڌ جي عظيم ثقافت اجرڪ کي ڊيزائن طور ڪٿي استعمال ٿا ڪريو ته ان جي تقدس جو به احترام ڪيو وڃي ان کي ٺٺول، نفرت يا بدنام ڪرڻ واري عمل ۾ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. اسان سنڌي قوم جون اکيون ته گاڏين جي اجرڪ پليٽن کي ڏسي ٺري پون ٿيون  پر جڏهن ٽريفڪ اهلڪار ان اجرڪ واري نمبر پليٽ کي پنهنجي ڪاروبار رشوت ۽ ڪميشن ڪري بدنام ڪندا ته يقينن دل آزاري  ٿيندي جيڪا ٿي رهي آهي.

تنهن ڪري ان کي عوام لاءِ آزار ۽ نفرت جو عنوان نه بڻائڻ گهرجي. اڃان به اجرڪ جي نمبر پليٽن جي عزت ڪرڻ جو يا رليف ڏيڻ جي ڪا روايت قائم ڪجي ته جيئن غير سنڌين کي به اجرڪ جي ڊيزائن واري نمبر پليٽ کي ڏسڻ سان سٺو تاثر قائم ٿئي. ان کي ڪرپشن جو حوالو نه بڻائڻ گهرجي. اڃان به سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اجرڪ واري ڊيزائن جون نمبر پليٽون پنهنجي خرچ تي ٺاهرائي گاڏين کي مفت ۾ لڳائي ڏيڻ جي مهم هلائين جنهن سان اجرڪ جي ڊيزائن واري پليٽ نمبرن جي عزت ٿئي ۽ عوام اهي لڳائڻ ۾ خوشي محسوس  ڪري.

جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت جي وزير مڪيش چاولا اهو ضرور چيو آهي ته نمبر پليٽس ۽ رجسٽريشن لاءِ 14 آگسٽ تائين رعايت ڏني وئي آهي ۽ ان تاريخ تائين نمبر پليٽ بابت ڪا به قانوني ڪارروائي نه ڪئي ويندي پر ان فيصلي کي به يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ڪنهن به ٽريفڪ اهلڪار  کي اها جرئت نه ٿيڻ گهرجي ته اهو اجرڪ جي ڊيزائن واري نمبر پليٽ نه هجڻ تي ڪنهن جو چالان ڪٽي. اڃان به اهو بهتر ٿيندو جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت پاڻ اجرڪ واريون نمبر پليٽون ٽريفڪ اهلڪارن ذريعي مفت ۾ گاڏين کي مهيا ڪري ته جيئن عوام کي رليف جو تاثر ملي سگهي.

اسان هر سال وانگر هن سال به چوماسي جي برساتن واري موسم کان اڳ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پاڻي جي نيڪالي واري سرشتي کي بهتر ڪرڻ تي زور ڏيندا رهياسين پر  انتظامي طور ڪجهه نه ٿيو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ٻن ڪلاڪن جي طوفاني برسات ۾ حيدرآباد جهڙو وڏو شهر برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، روڊ رستا گهٽيون پاڻي جا تلاءُ بڻجي ويا ۽ برق رفتاري سان ان پاڻيءَ کي نيڪال نه ملي سگهيو جنهن سبب رحمت بڻيل برسات حيدرآباد لاءِ ڏسندي ڏسندي زحمت بڻجي وئي.

 رپورٽن موجب هميشه وانگر برسات، انتظامي نااهلي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. حيدرآباد ۾ برساتي موسمن جي موقعي تي 15 کان  وڌيڪ پمپنگ اسٽيشنز جا جنريٽر خراب نڪتا. پمپنگ اسٽيشيز بند هجڻ سبب شهر مان پاڻي جو بروقت نيڪال نه ٿي سگهيو. هاڻي پمپنگ اسٽيشنن جي بند هجڻ يا جنريٽر خراب هجڻ جو پڇاڻو ڪيو ويندو ته ڇا ٿيندو، اهو سڀ ڪجهه پهريون معلوم ڪرڻ گهربو هو جنهن لاءِ اسان ايڊيٽوريلن ۾ بار بار اهو لکندا پيا اچون ته چوماسي جي برساتن واري موسم جي حوالي سان اڳواٽ اپاءَ ورتا وڃن. هاڻي جڏهن حيدرآباد ٻن ڪلاڪن جي برسات کان پوءِ ٻڏي وئي ته سنڌ جو وزيراعليٰ مراد علي شاهه صاحب پاڻي جي نيڪال لاءِ هنگامي اپائن جو حڪم ڏئي رهيو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وزير کان پريس ڪانفرنس ۾ سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ٻوڏ ٿي اچي ته ان لاءِ اوهان ڪهڙي تياري ڪئي ته موصوف فخر مان  دعويٰ ڪئي ته اسان پهريون به ٻوڏن کي منهن ڏنو آهي ته هاڻي به ڏئي وينداسين  پر لڳي ٿو ته اهي سکڻيون دعوائون ئي آهن اوهان ته حيدرآباد ۾ ٻن ڪلاڪن واري برسات کي به منهن نه ڏئي سگهيا ۽ وقت اچڻ تي توهان جي سڄي انتظامي مشينري فيل ٿي وئي جنهن اوهان جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. ٻيو ته ٻوڏن ۾ به اوهان جي بدترين انتظامن ۽ نااهلي جي تاريخ ڪتابن ۾ قلمبند ٿيل آهي. سو صرف دعوائن سان ڪم نه هلندو پر بهترين حڪومتي ڪارڪردگي تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻيو ته پراڻن تلخ تجربن مان سکڻ وارو ارادو ۽ جڏهن جذبو به نظر نٿو اچي جنهن جو اندازو حيدرآباد ۾ پيل ٻن ڪلاڪن جي برساتن کان پوءِ واري بدترين ڪارڪردگي مان ٿي چڪو آهي.

جُولاءِ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو