90 ڏينهن جي احتجاجي تحريڪ: هڪ غير واضح منصوبو

Spread the love

پاڪستان تحريڪ انصاف 90 ڏينهن تي ٻڌل احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيستائين عمران خان آزاد نه ٿيندو، تيستائين سک سان نه ويهنداسين. خيبرپختونخوا جو وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور هن ڀيري ”آر يا پار“ واري واعدي سان منظر تي آيو آهي، ۽ سندس چوڻ آهي ته: ”90 ڏينهن کان پوءِ فيصلو ڪنداسين ته ڇا سياست جاري رکڻي آهي يا نه. جيڪڏهن سياست سان ڪوبه نتيجو نٿو نڪري ته پوءِ آئينده جي  لائحه عمل کان آگاهه ڪيو ويندو.“ساڳئي پريس ڪانفرنس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ’فيصلا ڪندڙن‘ سان ڳالهه ٻولهه جي آڇ ٻيهر ورجائي آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته عمران خان واضح پيغام ڏنو آهي ته هو ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر اهي ڳالهيون رڳو فيصلا ڪندڙ ڌرين، يعني فوج سان ئي ٿينديون. ڇو ته تحريڪ انصاف جي خيال ۾ ملڪ جي سياسي قيادت اقتدار کان محروم ۽ بي اختيار آهي، جيڪا نه ته ملڪ کي درپيش بحرانن جو حل ڳولي سگهي ٿي ۽ نه ئي پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي سگهه رکي ٿي. ان ڪري جماعت جو موقف آهي ته هو صرف انهن قوتن سان ڳالهائيندي، جيڪي حقيقي طور ملڪ تي حڪمران آهن ۽ اقتدار جا بادشاهه بڻيل آهن.

علي امين گنڊاپور جي تقرير سان ملڪ جي سياسي فضا ۾ هڪ نئون جوش ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پريس ڪانفرنس دوران  ظاهر آهي ته عوام سان مخاطب ٿي، اهڙا دعويٰ ڪندو رهيو: ”جيڪڏهن غلام بڻجڻ آهي ته هي نظام هلي رهيو آهي، پر جيڪڏهن آزادي گهرجي، پنهنجن ٻارن کي خودمختاري ڏيڻي آهي، ته پوءِ اسان سان گڏ ٿيو ۽ حقيقي جمهوريت ۽ آزادي لاءِ ساٿ ڏيو.“ پر حقيقت اها آهي ته ڪيئي اهڙا عنصر آهن، جيڪي سندس هن بيان سان ٺهڪندڙ نه ٿا لڳن.هڪ پاسي تحريڪ انصاف 90 ڏينهن واري احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري رهي آهي، ته ٻئي طرف پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي 26 ميمبرن جي معطلي بابت، مفاهمت لاءِ تحريڪ انصاف جا اڳواڻ، مخالف ڌر جي اڳواڻ ملڪ احمد خان جي معرفت، اسپيڪر پنجاب اسيمبلي سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اجلاس کان پوءِ ملڪ احمد خان جو چوڻ هو ته: ”اڄ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ملاقات دوران جيڪي نُڪتا سامهون آيا، سي پنهنجي پارلياماني پارٽي آڏو پيش ڪنداسين. ايندڙ ٽن يا چئن ڏينهن ۾ ٻي ملاقات جو امڪان آهي.” تحريڪ انصاف هڪ پاسي ’آر يا پار‘ واري احتجاج جي شروعات ڪري چڪي آهي، جيڪو علي امين گنڊاپور جي لفظن ۾ 12 جولاءِ کان شروع ٿي چڪو آهي. هي مدت 10 آڪٽوبر تي ختم ٿيندي، يعني هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ تحريڪ انصاف وٽ ڪنهن حتمي فيصلي تائين پهچڻ لاءِ وقت گهٽجي رهيو آهي. ان جي باوجود، پارٽي وٽ نه ته احتجاج جو ڪو منظم منصوبو آهي، نه ئي ڪا واضح حڪمت عملي سامهون آئي آهي. اهڙي حالت ۾ جيڪي ماڻهو علي امين گنڊاپور جي اپيل تي احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا، سي به نٿا ڄاڻن ته پنهنجو احتجاج ڪيئن رجسٽر ڪرائين.

پريس ڪانفرنس دوران علي امين گنڊاپور پاڻ به احتجاج جي نوعيت ۽ طريقن بابت بي يقيني جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو: ”پوري پاڪستان ۾ هر گهٽي، محلي، ڳوٺ ۽ شهر مان ماڻهن کي گڏ ڪنداسين، پوءِ فيصلو ڪنداسين ته ڇا مقامي سطح تي احتجاج ڪرڻو آهي يا هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻو آهي.“ يعني تحريڪ انصاف جي قيادت پاڻ ئي مطمئن ناهي ته ماڻهو واقعي گهٽين، محلن ۽ ڳوٺن مان احتجاج لاءِ نڪرندا يا نه. يا وري اهو پراڻو طريقو وري آزمائبو ته ڪي ماڻهو گڏ ڪري، ڪي پي حڪومت ۽ اسيمبلي ميمبرن جي سهڪار سان اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪيو وڃي.

احتجاج جي اهڙي بي ربط منصوبي بابت خدشا پارٽي جي اندر به ظاهر ٿيا آهن. تحريڪ انصاف پنجاب جي چيف آرگنائزر عاليه حمزه ملڪ ايڪس تي لکيو: ”وزيراعظم خان جي آزادي لاءِ لائحه عمل جو اڄ يا سڀاڻي اعلان ٿيو آهي؟ تحريڪ ڪٿان ۽ ڪيئن هلي رهي آهي؟ 5 آگسٽ جي مقابلي ۾ 90 ڏينهن جو پلان ڪٿان نڪري آيو؟ جيڪڏهن ڪنهن ڏٺو هجي ته منهنجي به رهنمائي ڪري.“هي بي يقيني، پارٽي جي قيادت جي سوچ ۽ غير سنجيده روين کي واضع ڪري ٿي. هر اڳواڻ پنهنجو پنهنجو بلند آواز اعلان ڪري، ميڊيا ۾ جاءِ وٺي، عمران خان تائين اهو پيغام پهچائڻ چاهي ٿو ته ”مان ئي سڀ کان وڌيڪ وفادار آهيان.“ نتيجي ۾ پارٽي جو اهو بي ترتيب انتشار شايد هن ڀيري به تحريڪ انصاف کي ڪو منظم احتجاج ڪرڻ نه ڏيندو، بلڪه هو پنهنجي ئي سياسي جاءِ محدود ڪندي ويندي.علي امين گنڊاپور هڪ پاسي آئين جي بالادستي، جمهوري حقن ۽ عوامي نمائندگيءَ جون ڳالهيون ڪري ٿو، ته ٻي پاسي ’فيصلا ڪندڙن‘ يعني فوج سان ڳالهين جو اعلان به ڪري ٿو. اهڙي تضاد ۾ سندس سامهون سڀ کان اهم سوال آهي ته، جيڪڏهن تحريڪ انصاف آئين تي يقين رکي ٿي ته پوءِ فوجي نمائندن سان ملڻ لاءِ سندن ڪهڙو ايجنڊا آهي؟ ڇا ملڪ جو آئين فوج کي اهو اختيار ڏي ٿو ته هو ڪنهن سياسي جماعت سان ويهي، ان جون شڪايتون ٻڌي ۽ کين دور ڪرڻ لاءِ قدم کڻي؟اهڙو مطالبو، حقيقت ۾ جمهوريت جي اصولن کي دفن ڪرڻ جي برابر آهي. فوج سان سياسي حقن بابت ڳالهيون ڪرڻ وارا اڳواڻ يا ته جمهوريت جي معنيٰ کان واقف ناهن، يا وري ڄاڻي واڻي ان کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري، ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيا آهن. تحريڪ انصاف کي سمجهڻ گهرجي ته ملڪ جو عوام هاڻ سياست جي رستن کان ايترو به بي خبر ناهي، جو هو اهڙيون سياسي قلابازيون نه سمجهي سگهي.

پاڪستان جي سياسي نظام ۾ ڇاڪاڻ ته جوابدهي جو عنصر گهڻو گهٽ آهي ۽ تقريبن سڀ سياسي جماعتون صرف اقتدار ۽ اختيار جي سياست ڪن ٿيون، تنهن ڪري نه ته سوال پڇيا وڃن ٿا ۽ نه ئي ڪو انهن جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار هوندو آهي. جيئن حڪمران پارٽيون اڄ ان سوال کي اهميت نٿيون ڏين ته جيڪڏهن هو چونڊجي اقتدار ۾ آيون آهن ته پوءِ فوج کي سياسي يا معاشي مامرن ۾ ڇو شامل ڪيو وڃي ٿو؟ا هو ساڳيو سوال تحريڪ انصاف کان به پڇيو وڃي ته، اڄ ته اوهان حقيقي آزاديءَ جا نعرا هڻندا پيا وڃو، پر 2018 جي اليڪشن کٽي حڪومت ٺاهڻ ۽ ٽي سالن کان وڌيڪ حڪمرانيءَ دوران اوهان ڪهڙين قوتن کي ساڻ کڻي آيا هئا؟ ته ان جو به ڪو تسلي بخش جواب اوهان کي نه ملندو. اهڙي تڪراري سياسي روش، غير يقيني منصوبن ۽ اندروني انتشار مان رڳو اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته تحريڪ انصاف هاڻ به احتجاج کي رڳو هڪ نعرو ۽ آزاديءَ کي رڳو هڪ لفظي هٿي بڻائي، حقيقت کان ڪوهين ڏور آهي. جماعت لاءِ ضروري آهي ته هو عملي سياسي حڪمت عملي، تنظيم سازي ۽ واضح موقف سان سياسي عمل جو حصو بڻجي، نه ته عوام سندن سياسي تضادن مان ئي سندن ارادن جو اندازو لڳائيندو رهندو.يعني جنهن نظام کي علي امين گنڊاپور عوام کي ڀڙڪائي ڪري ڊاهڻ چاهي ٿو، ساڳئي نظام کي جاري رکڻ لاءِ تحريڪ انصاف جا اسيمبلي ميمبر مفاهمت جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. ساڳي جماعت جي هي ٻٽي پاليسي ڏسي، ڪنهن به شخص لاءِ اها ڳالهه سمجهڻ مشڪل نه هوندي ته احتجاجي تحريڪ ڪا اهميت نٿي رکي.

 علي امين گنڊاپور پريس ڪانفرنس دوران ملڪ ۾ جاري دهشتگرديءَ بابت جيڪي غير ذميوارانه تبصرا ڪيا، انهن نه صرف پارٽي جي موقف کي ڪمزور ڪيو آهي، پر تحريڪ انصاف جي سياسي سنجيدگي تي به سوال اٿاري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو، ”عمران خان جي دور ۾ دهشتگردي نه هئي. ريڪارڊ کولي ڏسو. ڪيترا خودڪش ڌماڪا ٿيا؟ ڪيترا ڌماڪا ٿيا؟ ڪيترا ماڻهو شهيد ٿيا؟ ڪيترا ڊرون حملا ٿيا؟ پوءِ پي ڊي ايم جي حڪومت آئي، ساڳيون حالتون برقرار رهيو، هاڻ به پي ڊي ايم آئي آهي ته حالتون اڳ کان به وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن. اها اوهان جي ذميواري آهي ۽ اوهان جي ڪري سڀ ٿي رهيو آهي، اوهان کي مڃڻو پوندو.“

ظاهر آهي ته علي امين گنڊاپور حڪومت تي الزام مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر سندس بيان مان اھو تاثر به ملي ٿو ته ملڪ مان دهشتگردي عمران خان جي ذاتي موجودگيءَ سان ختم ٿي هئي ۽ هاڻ، سندن قيد سبب دهشتگردي ٻيهر وڌي وئي آهي. ائين لڳي ٿو ڄڻ هو غير شعوري طور تي عمران خان کي انهن دهشتگردن جو ”دوست“ يا گهٽ ۾ گهٽ سندن موجودگيءَ کي اثرائتو قرار ڏئي رهيو هجي، جيڪي روزانو پاڪ فوج تي حملا آور ٿين ٿا ۽ بيگناهه جانيون ضايع ڪري رهيا آهن.تحريڪ انصاف جا مسئلا بنيادي طور سياسي آهن ۽ انهن جو حل به سياسي طريقي سان ئي ممڪن آهي. جيڪڏهن جماعت پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺڻ، يا فوج سان ملي ڪري کين سزا ڏيارڻ جا خواب ڏسي رهي آهي، ته اها هڪ اهڙي ڀُل آهي جنهن جي قيمت پي ٽي آءِ کي پاڻ ئي چڪائڻي پوندي. پارٽي جي وڏي ڀل سانحو 9 مئي بڻيو، جنهن کانپوءِ اهو الزام به فوج تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا پارٽي لاءِ وڌيڪ مصيبت جو سبب بڻي.

تحريڪ انصاف کي اهو مڃڻ گهرجي ته ان جو سياسي وجود، ان ئي موجوده نظام جي ڪري قائم آهي، جنهن کي هو هاڻ ڊاهڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اهو نظام ئي ڊهي پيو ته پوءِ نه صرف ٻين لاءِ گنجائش ختم ٿيندي، پر تحريڪ انصاف جو پاڻ به وجود خطري ۾ پئجي ويندو. جمهوريت جي نالي ۾ جيڪڏهن غير جمهوري طريقا اختيار ڪيا وڃن، ته نتيجو خودڪشيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿيندو.پارٽي لاءِ لازمي آهي ته هو سياست کي دشمنن جي شڪست بدران ڳالهه ٻولهه، اصلاح ۽ عوامي ڀلائيءَ جي رستي تي واپس آڻي. ٻي صورت ۾، تحريڪ انصاف، پنهنجي ئي تضادن، بي ربط حڪمت عملين، ۽ غير ذميوارانه بيانن جي ور چڙهي، پنهنجي جاءِ پاڻ ختم ڪندي، جنهن جي ذميواري به ڪنهن ٻئي تي نه، بلڪه پاڻ تي ئي عائد ٿيندي.

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو