ڪئنال رٿا ۽ علي امين گنڊاپور:ايف سي بابت صدارتي آرڊيننس جو ڪارڻ؟

Spread the love

اسلام آباد(ويب ديڪس)پاڪستان ۾ ڪجهه وڏو ٿيڻ وارو آهي،پي ٽي آءِ سان گڏ پ پ سان به ڪجهه ٿيڻ وارو آهي،ٿي سگهي ٿو ايندڙ ڏينهن ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ هڪ ئي ٽرڪ تي چڙهيل نظر اچن،صدارتي آرڊيننس ذريعي فرنٽيئر ڪانسٽيبلري کي پوري ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي،اڳ ۾ رينجرز ۽ ايف سي صوبائي حڪومت جي درخواست تي اينديون هيون،

سنڌ ۾ امن امان جي نالي تي 28 سالن کان رينجرز مقرر آهي،هر ڀيري رينجرز مقرري جي مدي ۾ واڌ سنڌ حڪومت کي ڪرڻي پوندي آهي،ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبا امن امان جا پاڻ ذميوار آهن پر ان صورتحال ۾ وفاق بي وسي جي تصوير بڻيل رهيو،فيڊرل ڪانسٽيبلري هاڻي وفاقي فورس طور ڪم ڪندي،ان جون اسٽيشنون هونديون،ان جي وفاق ۽ صوبن ۾ مقرري ٿيندي،جڏهن ته پنجاب ان جي مخالفت نه ڪندو پر باقي صوبن ۾ ان جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو،ڪجهه حلقا سوال اٿاري رهيا آهن ته ايف سي جي صوبن ۾ مقرري سان صوبائي خودمختياري متاثر ٿيندي،هڪ خيال اهو آهي ته سنڌ ۾ ڪئنالن واري اشو تي ٻٻرلوءِ ۾ سڄي سنڌ اچي گڏ ٿي هئي،سنڌ جو ٻين صوبن سان رابطو ڪٽجي ويو هو،پ پ ۽ قوم پرستن جي سياسي ايجنڊا ان معاملي تي ساڳي هئي،هاڻي وفاقي حڪومت سان ڪا صوبائي حڪومت ڦڏو ڪري ٿي ته ايف سي جي سڌي مقرري ڪئي ويندي،علي امين گنڊاپور به جڏهن دل ڪري وفاقي راڄڌاني تي چڙهائي ڪري ٿو،ان کي روڪڻ لاءِ به ايف سي مقرر ڪري سگهجي ٿي،هن جي حڪومت به ڊهڻ واري آهي،پ پ به ذهني طور تي تيار آهي ته ان سان به ڪجهه ٿيڻ وارو آهي،سوال اٿي رهيو آهي  ته پ پ ايف سي بابت صدارتي آرڊيننس کي ڪيئن هضم ڪندي؟

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو