کنڊ معاملي تي ن ليگ ۾ اختلاف، سگهارين ڌرين سان به تڪرار؟

Spread the love

اسلام آباد/نيو يارڪ (ويب ديڪس) ن ليگ ۾ اندروني اختلافن ۽ سگهارين ڌرين سان ڇڪتاڻ جو نئون مرحلو سامهون اچي ويو آهي. کنڊ سبسڊي ۽ ايڪسپورٽ جي اجازت بابت فيصلا ن ليگ جي اعليٰ قيادت لاءِ ڏکيائين جو سبب بڻجي رهيا آهن. نواز شريف ۽ مريم نواز جي چوڻ تي شهباز شريف کنڊ ايڪسپورٽ جي مخالفت باوجود منظوري ڏني، جڏهن تهاسحاق ڊار هاڻ 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ امپورٽ جي منظوري ڏني آهي.

فيصلن خلاف صحافتي ڌرين ۽ سگهارين ڌرين سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ به ورهاست ٿي وئي آهي، جتي ڪامورو فواد حسن فواد صحافي حسن ايوب ۽ ٻيا ن ليگ تي تنقيد ڪري رهيا آهن، سهيل وڙائچ اسحاق ڊار تي تنقيد ڪئي آهي، ان جي پٺيان محسن نقوي آهي، جڏهن ته انصار عباسي ۽ ٻيا به محسن نقوي تي سوال اُٿاري رهيا آهن. اندروني طور ن ليگ به ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي،

هڪ ڌُر مريم نواز ۽ نواز شريف جي، ۽ ٻي شهباز شريف جي آهي. مريم نواز جي تقريبن ۾ حنيف عباسي کي پوئتي رکڻ اختلافن کي واضح ڪيو آهي. ن ليگ تي ٻاهرين ۽ اندروني دٻاءُ ۾ واڌاري سان سندس سياسي مستقبل غير يقيني بڻجي ويو آهي.

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو