ڄامشورو ۾ عورتن جي شڪايت سيل جي انچارج طور سيدة قرۃ العين شاهه جي مقرري، صنفي مساوات لاءِ اهم قدم

Spread the love

ڄامشورو(رپورٽ: محمد وارث ) سنڌ ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم قدم طور، عورتن جي ترقي کاتي پاران تجربيڪار نفسيات ماهر ۽ سينيئر آفيسر سيدة قرۃ العين شاهه کي ضلع ڄامشورو ۾ عورتن جي شڪايت سيل جي انچارج مقرر ڪيو ويو آهي.

ڄامشورو، جيڪو سنڌ جو هڪ اهم تعليمي مرڪز آهي جتي هزارين نياڻيون مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، اتي صنفي بنيادن تي تشدد ۽ ٻين مسئلن جي تناظر ۾ هي مقرري انتهائي اهميت واري سمجهي پئي وڃي. قرۃ العين شاهه کي عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت مختلف پروگرامن ۽ سڌارا آڻڻ واري مهمن ۾ وسيع تجربو حاصل آهي.خدمتون ۽ اڳوڻا ڪامياب تجربا:

ان کان اڳ، هوءَ حيدرآباد عورتن جي شڪايت سيل جي انچارج طور ذميواريون نڀائي چڪي آهي، جتي هن شعور بيداري مهمون، ديهي عورتن جي عالمي ڏينهن جا ميلو، ۽ سماجي طور پوئتي پيل طبقن لاءِ تحفظ، صحت ۽ تعليم سان لاڳاپيل مسئلا اجاگر ڪيا. سندس اڳواڻي ۾ ڪيترين ئي عورتن سرڪاري سطح تي پنهنجون شڪايتون داخل ڪرايون ۽ بروقت انصاف حاصل ڪيو عالمي ادارن سان سهڪار سيدة قرۃ العين شاهه، جائڪا (Japan International Cooperation Agency)سميت ڪيترن ئي عالمي ادارن سان سهڪار ذريعي عورتن جي فلاح و بهبود لاءِ ڪم ڪري چڪي آهي، جنهن سان پاڪستان جي صنفي پاليسين کي عالمي سطح تي سٺي سڃاڻپ ملي عورتن جي ترقي کاتي کي اميد آهي ته سندس اڳواڻيءَ ۾ ڄامشورو جو عورتن شڪايت سيل هڪ مثالي مرڪز طور اڀرندو، جتي عورتن جي شڪايتن جو مؤثر حل نڪرندو ۽ کين باعزت، محفوظ ماحول فراهم ٿيندو.

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو