ڄامشورو: بيواهه عورت جو ڌيءَ جي اغوا خلاف پريس ڪانفرنس، جوابدارن خلاف تحفظ ۽ ڪارروائي جو مطالبو
ڄامشورو (رپورٽ:محمد وارث)ڪوٽڙي سائيٽ ليبر اسڪوائر جي رهواسڻ بيواهه عورت حاجران ڪنڀار پاران سنڌ پريس ڪلب ڄامشورو تي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس ڌيءَ صائمہ ڪنڀار کي نئو ڪوٽ ڀيل ڪالوني جو رهواسي آصف ڪنڀار اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته خاموش رهڻ لاءِ کيس موت مار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
حاجران خاتون، جيڪا مرحوم محمد عرس ڪنڀار جي زال آهي، پنهنجي مائٽن مريم ڪنڀار، نجمه، مسمات سلما، محمد قاسم ۽ محمد عمر ڪنڀار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته صائمه کي زبردستي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ سندن بار بار منٿن باوجود جوابدار ڌيءَ کي واپس نٿو ڪري هنن الزام هنيو ته آصف ڪنڀار، سندس وڏو ڀاءُ فوجي شاهد ڪنڀار، مامو مشتاق ڪنڀار ۽ سندن ڀيڻو پيارو جوڻيجو مسلسل کين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن ڪيس يا آواز اٿاريو ته انجام خطرناڪ هوندو متاثره خاندان جو چوڻ هو ته هو غريب ۽ بي وس آهن،
ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن آئي جي سنڌ ،ڊي آئي جي حيدرآباد ڊي آ جي ميرپور خاص ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو آھي ته سندن ڌيءَ کي بازياب ڪرائي، جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن کين تحفظ ملي سگهي
جُولاءِ 15, 2025