ڀان سيدآباد ۾ ساونهن جي برسات سان شھر ٻڏي ويو، ٽائون ڪاميٽي جي نااهلي خلاف شھري پريشان
سيوھڻ (رپورٽ :محمد صفر ايم سيوھاڻي ) ڀان سيدآباد شھر ۾ ساونڻي جي برسات جو وسڪارو، ڀان سيدآباد جي عوام جا اھنج وڌائي ڇڏيا، جڏھن ته برساتون پوڻ جون آگاھيون ھنئي پھرين ضلع انتظاميه ڄامشورو ضلع جي مختلف کاتن جي عملدارن کي ڏنيون ويون ھيون ته اوھان تيار ھجو ڪيڏي مھل به سانوڻ جي برسات پئجي سگھي ٿي، اھڙي اطلاع باوجود به ڀان سيد آباد جي ٽائون ڪاميٽي انتظاميه ڪجھ خاص انتظام نه ڪيا آھن،
جو اڄ ٿورڙي برسات پوڻ ڪري شھر ڀان سيدآباد جون گھٽيون درياء جو ڏيک ڏئي رھيون آھن جڏھن ته ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد جي انتظاميہ کي ملندڙ ماھوار ھڪ ڪروڙ 36 لک روپيا ڪٿي خرچ ڪيا وڃن ٿا، ان رقم ھجڻ جي باوجود نالين جي صفاتي ۽ کاٽي وغيره صحيح نموني نه پئي ڪرائي وڃي، نالن ۽ نالين جي صفائي ۽ کاٽي صحيح نموني نه ھئڻ ڪري شھر برسات ۽ گٽر جي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آھي،
شھري ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد جي چيئرمين کان مطالبو ٿا ڪن ته شھر مان برسات جو پاڻي جلد نيڪال ڪرايو وڃي ۽ شھر جي مين نالن ۽ نالين جي کاٽي ڪرائي صفائي ڪرائي وڃي، ته جيئن شھري ھن ٻٽي عذاب کان بچي سگھن.
جُولاءِ 15, 2025