ٽيڪس ڇوٽ تي آءِ ايم ايف جو انڪار، حڪومت 3 لک ٽن کنڊ درآمد جو ٽينڊر واپس وٺي ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت درآمدي کنڊ تي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ تي آءِ ايم ايف جي انڪار کانپوءِ، کنڊ جي درآمد لاءِ جاري ڪيل ٽينڊر واپس وٺي ڇڏيو.
ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) طرفان 3 لک ٽن کنڊ جي درآمد لاءِ جاري ڪيل ٽينڊر واپس وٺي، 50 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ جي درآمد لاءِ نظرثاني ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ عالمي سپلائرز کان 50 هزار ٽن کنڊ جي درآمد لاءِ 22 جولاءِ تائين ٻوليون طلب ڪيون ويون آهن.
واضح رهي ته ان کاناڳ حڪومت 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو هو، جنهن تحت هڙئي درآمدي ڊيوٽيون معاف ڪيون ويون هيون ۽ ٽي سي پي 11 جولاءِ تي 3 لک ٽن کنڊ لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو هو.
آءِ ايم ايف طرفان کنڊ جي درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ تي سخت خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن.
ٻئي پاسي، کنڊ جي درآمد جي اجازت باوجود ملڪ ۾ کنڊ جي ايڪس مل قيمت اڳ جي ڀيٽ ۾ مقرر ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ برآمد جي اجازت جي وقت مقرر قيمت جي ڀيٽ ۾ ايڪس مل اگهه ۾ في ڪلو 25 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مارچ 2025 ۾ اعلانيل سرڪاري اگهه جي ڀيٽ ۾ به 6 رپيا واڌ ٿي آهي.
ڪابينا دستاويزن موجب، وفاقي حڪومت جون 2024 ۾ کنڊ جي ايڪس مل قيمت 140 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي هئي، جيڪا مارچ 2025 ۾ وڌائي 159 رپيا في ڪلو ڪئي وئي، جڏهن ته حڪومت پوءِ شوگر ملز سان کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي آهي.
نئشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت گذريل ڏينهن کنڊ جي نئين ايڪس مل قيمت جو اعلان ڪيو هو.
ياد رهي ته حڪومت جون 2024 ۾ کنڊ جي برآمد جي منظوري وارو عمل شروع ڪيو هو، جنهن تحت جون کان آڪٽوبر 2024 تائين مجموعي طور تي 7.5 لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي.

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو