ٺٽو: سينئر صحافي حافظ مشتاق احمد ميمڻ جي وڇوڙي تي ايوانِ صحافت پاران تعزيتي اجلاس ۽ ڀيٽا

Spread the love

ٺٽو( نظير احمد قريشي)ايوانِ صحافت ٺٽو پاران سينئر صحافي حافظ مشتاق احمد ميمڻ جي وڇوڙي تي تعزيتي اجلاس ايوانِ صحافت ٺٽو پاران پريس ڪلب ٺٽو جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ۽ سينيئر صحافي حافظ مشتاق احمد ميمڻ جي اوچتو لاڏاڻي تي هڪ تعزيتي اجلاس ايوان جي صدر اڪبر دلواڻي جي صدارت هيٺ منعقد ڪيو ويو،

 جنهن ۾  ايوانِ صحافت ٺٽو جي عهديدارن، ميمبرن ۽  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ايوانِ صحافت ٺٽو جي انفارميشن سيڪريٽري لالا شعيب پٺاڻ پاران جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ مرحوم جي صحافتي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته  حافظ مشتاق احمد ميمڻ ٺٽي جي صحافتي تاريخ جو هڪ روشن باب هو. هو نهايت بااصول، ايماندار ۽ پيشاور صحافي هو، جنهن سدائين بي خوف ۽ بي لاچ صحافت ڪئي. ايوان جي عهديدارن ۽ ميمبرن چيو ته مرحوم جي لاڏاڻي سان صحافت جو هڪ سچو آواز هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهي، جنهن جو خال ڀرڻ ڏکيو آهي۔

هنن چيو ته سندس خدمتون هميشه سونهري اکرن ۾ لکجيون ۽ ياد ڪيون وينديون۔تعزيتي اجلاس کانپوءِ ايوانِ صحافت جي ميمبرن مرحوم جي تڏي تي وڃي فاتحه خواني ڪئي ۽ سندس پونئرن سان ڏک ونڊيو۔ ان موقعي تي مرحوم لاءِ دعاءِ مغفرت پڻ ڪئي وئي ته “الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلىٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي۔”

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو