نئين وفاقي فورس ۽ 18 هين ترميم جو مستقبل؟

لاهور(امداد سومرو) پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ اختلاف انتهائي حدن تائين پهچي ويا آهن، خاص ڪري آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾. جيڪڏهن اهو اختلاف وڌي ٿو ته حڪمران اتحاد ٽٽي سگهي ٿو، جنهن جا امڪان اڳ ئي موجود هئا.ٻئي پاسي وفاقي حڪومت “فيڊرل ڪانسٽيبليري” نالي هڪ نئين فورس ٺاهي آهي، جيڪا ڪنهن به صوبي ۾ وفاق طرفان موڪلي سگهجي ٿي،
ڀلي اهو صوبو پاڻ اها گهرج نه به ڪري. مثال طور، ڪراچي، لاهور يا ڪو به علائقو، جتي وفاق سمجهي ته امن امان جي صورتحال خراب آهي، اُتي اها فورس مقرر ڪري سگهجي ٿي. هي آرڊيننس هفتي ڏينهن جاري ڪيو ويو، جڏهن ته سومر کان سينيٽ جو اجلاس به شروع ٿيڻ وارو هو.اهو عمل 18هين ترميم جي خلاف ورزي ۽ صوبي خودمختياري جي خلاف سمجهيو پيو وڃي، ۽ مستقبل ۾ ان تي آئيني سوال ضرور اٿاريا ويندا،جڏهن ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي پاليسين ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.
مسلم ليگ ن ادارا وڪڻڻ ۽ بند ڪرڻ چاهي ٿي، جڏهن ته پيپلز پارٽي ان جي مخالفت ڪري رهي آهي. ان حوالي سان “رائيٽ سائيزنگ ڪميٽي” جو قيام ٿيو، جنهن ۾ گهڻي اڪثريت ن ليگ جي حمايت ڪندڙن جي آهي.ڪميٽي ۾ ناڻي، منصوبه بندي، صنعتن، بجلي، ۽ ٻين وزارتن جا سيڪريٽري شامل آهن، فقط چوڌري منظور پيپلز پارٽي طرفان شامل آهن. پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته پاسڪو، يوٽيلٽي اسٽور، ۽ ٻين ادارن جو بند ڪرڻ نه پر انهن جو واڌارو ۽ درستگي ضروري آهي. چوڌري منظور چوي ٿو ته اسان ادارن جي بحالي لاءِ ڪم ڪندڙ رٿائون تيار ڪيون آهن، ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جا ايم اين ايز جيڪي پنجاب مان چونڊجي آيا آهن،
اهي پڻ پاڻ کي بي اثر سمجهن ٿا. سندن چوڻ آهي ته “نه وفاقي ادارن ۾ ڪو ڪم ٿو ٿئي، نه وڏن وزيرن تائين رسائي آهي، ته پوءِ اسان کي ڇا فائدو آهي هن حڪومت جو حصو ٿيڻ جو؟”پي ٽي آءِ جي هڪ مبينا آڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ شيخ وقاص اڪرم هڪ اڳواڻ خاتون تي ناراض آهي ته “منهنجو وائس نوٽ ميڊيا کي ليڪ ڪيو ويو آهي.” ان مان ظاهر پيو ٿئي ته پارٽي اندر سنگين قسم جي اندروني اختلاف موجود آهن،عاليه حمزه، جيڪا اڳ ئي قيد ڪاٽي چڪي آهي، هن وقت متحرڪ آهي،
پر پارٽي اندر کيس ڪم ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي. عمران خان قيد ۾ آهي، پر ڪي پي جا ايم پي ايز اڊيالا وڃڻ لاءِ تيار ناهن، جڏهن ته لاهور ۾ دعوتون کائڻ ضرور آيا آهن.پي ٽي آءِ جي حامي چون ٿا ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي ميٽنگز ڪڏهن به ليڪ نه ٿينديون آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ پاڻ سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي تي تنقيدي جواب موڪلين ٿا.
جُولاءِ 15, 2025