شھيد بينظيرآباد ۾ امڪاني برساتن بابت ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت ۾ اجلاس، لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت
نوابشاه ( رپورٽ :عبدالفتاح رند)ڊپٽي ڪمشنر/ چيئرمين ضلعي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (ڊي ڊي ايم اي) شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت هيٺ ضلع ۾ سانوڻي جي امڪاني برساتن دوران انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ھڪ اجلاس اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ ٿي گذريو ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عبداالصمد نظاماڻي چيو ته موسميات کاتي ۽ نئشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران 17 جولاءِ کان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي،
جنهن کي نظر ۾ رکندي سمورا لاڳاپيل کاتا الرٽ رهن ۽ سڄي مشينري کي فعال رکن ته جيئن برساتن دوران پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ شهرين کي تڪليفن کان بچائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر ايڪسين ايل بي او ڊي کي هدايت ڪئي ته سم نالن جي صفائي ۽ مضبوطيءَ جو ڪم تيز ڪيو وڃي ڊپٽي ڪمشنر تاج ڪالوني ڊسپوزل جي صفائي نه ٿيڻ تي ميونسپل ڪمشنر تي ناراضگي جو اظهار ڪندي ميونسپل ڪمشنر کي ھدايت ڪئي تہ ميونسپل ڪارپوريشن پاران برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ سموري مشينري کي فعال بڻايو وڃي. ان موقعي تي ايل بي او ڊي جي ايڪسين سلمان آفريدي اجلاس کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 34 ننڍا وڏا سم نالا آهن، جن جي صفائي ۽ مضبوطيءَ جو ڪم جاري آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايل بي او ڊي جون 30 پمپنگ اسٽيشنون بجليءَ تي ۽ 13 پمپنگ اسٽيشنون سولر سسٽم تي هلن پيون. ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر عبدالرزاق شيخ ٻڌايو ته ميونسپل ڪارپوريشن جون 14 ڊسپوزل ۽ 20 پمپنگ اسٽيشنون چالو حالت ۾ ڪم ڪري رهيون آهن.اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين علي اڪبر جمالي، پيپلز پارٽي ضلعي صدر محمد سالم زرداري، ٽائون چيئرمين سيد عاطف زيدي، محمد حيات کاڪيپوتو، خان بهادر ڀٽي سميت ميونسپل، لوڪل گورنمينٽ، پوليس، لائيو اسٽاڪ، پبلڪ هيلٿ، آبپاشي، زراعت ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي
جُولاءِ 15, 2025