شهيد علامه حسن ترابي امتِ مسلمه جا رهنما هئا، شيعه علماء ڪائونسل جي اڳواڻن جو اظهار

Spread the love

نوابشاه ( رپورٽ :عبدالفتاح رند)شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان صوبي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري زوار محمد حسين چانڊيو، مولانا تاج علي انقلابي، سيد فياض حسين شاهه، مولانا عطا حسين چانڊيو ۽ مولانا محمد عالم مري چيو آهي ته شهيد علامه حسن ترابي امتِ مسلمه جا وڏا رهنما هئا. شهيد علامه حسن ترابي هميشه اتحاد بين المسلمین لاءِ ڪوشان رهيا.

ھنن چيو ته مکتب اهلِ بيت عليهم السلام ۽ سيد الشهداء حضرت امام حسين عليه السلام جي عزاداري لاءِ ميدان ۾ جدوجهد ڪندا رهيا. علامه شهيد حسن ترابي جهڙا انسان صدين کانپوءِ پيدا ٿين ٿا. شهيد علامه حسن ترابي جو ڪو به نعم البدل امت مسلمه ۾ پيدا نه ٿيو. ھنن چيو ته شهيد علامه حسن ترابي، قائد ملت جعفريه پاڪستان علامه سيد ساجد علي نقوي جا سچا سپاهي، مجاهد ۽ ساٿي هئا.

انهن سڀني مومنين، عزادارن ۽ تنظيمي ڪارڪنن کان اپيل ڪئي ته شهيد علامه حسن ترابي جي نقشِ قدم تي هليو ۽ تنظيمي ڪم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو