سڪرنڊ: ٽن ڪالونين ۾ گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ احتجاج، ٽائون ڪاميٽي پاران 15 ڏينهن ۾ مسئلو حل ڪرڻ جو وعدو

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي حد ۾ شهر جي ٽن رهائشي ڪالونين جنهن ۾ العباس ٽائون ، عظيم سٽي ۽ سيد شبير شاھ ڪالوني شامل آهن ٽنهين ڪالونين جا رهواسي گزريل پنجن ڏينهن کان قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ وٽ ٽائون ڪاميٽي جي مين گيٽ آڏو احتجاج طور بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي جنهن ۾ متاثرين جو چوڻ هو شهر جو سمورو گندو پاڻي اسان جي ڪالونين ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي جنهن سبب بيمارين جنم ورتو آهي

 جڏھن ته نيڪال جو ڪو انتظام ناهي گهرن کي چارئي پاسا پاڻي آهي سندن احتجاج کانپوءِ ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي ڪائونسلر نور احمد رند چيئرمين ٽائون پاران ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندي متاثر ڌر جي ڪيمپ تي وڃي کين يقين ڏياريو ته سندن مسئلا 15 ڏينهن ۾ حل ڪيا ويندا جنهن تي بک هڙتالي ڪيمپ ختم ڪئي وئي هوڏانهن ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي چيئرمين سيد عذير اختر شاھ سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي سان ڳاللهائيندي چيو ته شهر جي صفائي ۽ شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي جنهن کي سمجهون ٿا ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندا آهيون

 هن وڌيڪ ته احتجاج ڪندڙن جا ڪجھ مسئلا ٽائون ڪاميٽي جي ذمي اچن ٿا جيڪي ان شاء الله جلد حل ڪيا باقي ڪجھ ڪم اهڙا هوندا آهن جن کي سرڪاري طور عمل ڪرائڻ ۾ وقت لڳندو آهي ان ڪري منهنجي پوري پوري ڪوشش هوندي آهي ته ڄاڻايل ٽنهين ڪالونين سميت هر ڪالوني صاف سٿري هجي هوڏانهن احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ڪشمير ڪيريو ، جنيد جمالي ۽ غلام مهدي چيو آهي ته اسان نور احمد رند جي يقين دهاني تي ڪيمپ ختم ڪري رهيا آهيون جيڪڏھن 15 ڏينهن ۾ مسئلو حل نه ٿيو ته وري احتجاج ڪيو ويندو جنهن جو دائرو پڻ وڌايو ويندو .

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو