سکر ويجهو تيز رفتار ريسڪيو 1122 ايمبولينس ڪلٽي، مريض ۽ ڊرائيور زخمي

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) جيڪب آباد مان مريض کي کڻي سکر طرف ايندڙ ريسڪيو 1122 جي ايمبولينس تيز رفتاري سبب آباد ٿاڻي جي حد ريور سٽي  اسپتال جي ويجهو الٽ ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ايمبولينس ۾ سوار مريض ۽ ڊرائيور زخمي ٿي پيا.ذريعن موجب ايمبولينس جيڪب آباد مان هڪ سخت بيمار مريض کي سکر کڻي اچي رهي هئي ته اوچتو ريور  سٽي اسپتال جي ويجهو هڪ ڪار سامهون اچي وئي جنهن کي بچائيندي ايمبولينس ڊرائيور جي ڪنٽرول کان نڪري وئي جنهن جي نتيجي ۾ ايمبولينس روڊ ڪناري ڪلٽي ٿي وئي.

حادثي کان پوءِ علائقي واسين ۽ امدادي ٽيمز زخمين کي فوري طور ابتدائي طبي امداد فراهم ڪرڻ لاء  ويجهي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ٻنهي زخمين جو علاج جاري آهي. اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته مريض جي حالت انتهائي نازڪ آهي.پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي حادثي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري، وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. حادثي کانپوءِ علائقي واسين ريسڪيو 1122 انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته ايمبولينس ڊرائيورن کي ٽرئفڪ قانونن جي سختي سان پابند بڻايو وڃي ته جيئن اهڙن واقعن کان بچي سگھجي.

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو