سکر: سول ڊفينس پاران مون سون ۽ ٻوڏ جي صورتحال لاءِ تياري جو اظهار، رضاڪارن جي خدمت کي خراج تحسين
سکر(رپورٽر)سول ڊفينس سکر ممڪنہ مون سون جي برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. سول ڊفينس سکر جي رضاڪارن هميشه سڀني ادارن سان گڏجي قدرتي آفتن کان بچاء لاءِ مثبت ۽ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙو عظم سول ڊفينس سکر جي رضاڪارن سول ڊفينس آفيس ۾ مون سون جي برساتن جي حوالي سان منعقد ٿيل اجلاس دوران ڪيو.
ھي اجلاس ڪنٽرولر سول ڊفينس ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر محمد بخش راجا ڌاريجو جي خاص هدايتن تي ايڊيشنل ڪنٽرولر امير الدين عباسي ۽ ڊپٽي چيف وارڊن ڊاڪٽر سعيد اعواڻ جي صدارت ۾ ٿيو. سول ڊفينس جي جوانن کي سلام پيش ڪندي ڊپٽي چيف وارڊن ڊاڪٽر سعيد اعواڻ چيو ته اسان کي انهن نوجوانن تي فخر آهي جيڪي ڪنهن به هنگامي صورتحال سان گڏوگڏ قدرتي آفتن،
ٻوڏ ۽ ٻين موقعن تي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هميشه ڏينهن رات ڪم ڪن ٿا.اجلاس پوسٽ وارڊن حاجي محمد رياض کوکر،محمد آصف شيخ،رفيق چوھاڻ،اشفاق احمد ميتلو،محمود احمد،شھاب احمد،ادريس کوسو شرڪت ڪئي.
جُولاءِ 15, 2025