سنڌو درياءَ ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ، گڊو ۽ سکر بئراج جي ڪچي علائقن ۾ پاڻي داخل، ڪچي واسين لاءِ زميني رابطو منقطع

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر بئراج ڪنٽرول روم مان جاري ٿيل رپورٽ موجب سنڌو درياءَ ۾ تونسا بيراج کان گڊو بيراج تائين وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي.سنڌو درياءَ ۾ گڊو ۽ سکر بيراج مان پاڻي جي نيڪال تي هيٺين سطح ج ٻوڏ آهي.ڪوه سليمان/ڊيرا غازي خان ڊويزن جي جبلن جي برساتي نالن/روڊ ڪوئن جي علائقن تي موجود موسمياتي نظام جي ڪري ڊيرا غازي خان ريجن جي ناله ويڊور ۾ اعليٰ درجي جي ٻوڏ جڏهن ته سکي سرور ناله ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي وئي آھي اهڙي ريت چناب ۽ راوي دريائن جي ملندڙ وهڪرن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي.

جڏهن ته گڊو بئراج وٽ 15 جولائي 2025 تي ريڪارڊ ڪيل ماپ موجب گڊو بئراج وٽ  مٿاهون وهڪرو375494 ڪيوسڪ فوٽ هيٺاهون وهڪرو335803۔سکر بئراج وٽ اپ اسٽريم289531۔ڊائون اسٽريم 240826  ريڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿاهون وهڪرو 77095 ۽ ڊائون اسٽريم ۾ 40770 ڪيو ويو۔

جڏهن ته پنج ند وٽ 34901/23371 ۽ ٽيمونھ وٽ 33970/21070 ڪيوسڪ فوٽ ريڪاڊ ڪيو ويو روزانو پاڻي وهڪرن ۾ واڌ وارو سلسلو جاري آھي جنهن سبب گڊو ۽ سکر بيئراج جا ڪچي وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آھن ڪچي واسين جو شھرن سان زميني رستو ڪٽجي ويو آھي ٻيڙين رستي  ڪچي کان پڪي ۽ پڪي کان ڪچي ڏاهن آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي۔ ان ڏس ۾ ڪچي واسين جو چوڻ آھي ته آبپاشي کاتي جو عملو کين ڪابه سهولت نه پيو ڏئي۔

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو