سانگهڙ: نئون مقرر ٿيل ايس ايس پي عابد علي بلوچ آفيس پهتو، پوليس پاران شاندار سلامي ۽ تعارفي ميٽنگ
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ نئين مقرر ٿيل ايس ايس پي عابد علي بلوچ جي ايس ايس پي آفيس سانگهڙ آمد تي پوليس جي سلامي گارڊ جي چاق و چوبند دستي پاران سلامي پيش ڪئي وئي. ايس ايس پي جي آمد تي ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر پرويز اختر قريشي، ايس ڊي پي او سانگهڙ لونگ خان شر، پي ڊي ايس پي زڪريا ڪوريجو، ڊي ايس پي سيڪيورٽي زاهد احمد ناصر،
آر آئي پوليس لائن محرم خاصخيلي پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. بعد ۾ ايس ايس پي سانگهڙ سڀني برانچ انچارجز سان تعارفي ميٽنگ ڪئي. ايس ايس پي سانگهڙ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته امن امان جي بحالي، عوام جي جان و مال جي تحفظ ۽ مظلومن کي بروقت انصاف فراهم ڪرڻ منهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.
جُولاءِ 15, 2025