ريلوي زمين تي قبضي ۽ ڀتي الزام: ڊپٽي ڪمشنر ملير، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٽن ايس ايڇ اوز خلاف ايف آءِ آر جو حڪم

Spread the love

ملير(ذوالفقار علي نصيراڻي)ڊپٽي ڪمشنر ملير، اسسٽنٽ ڪمشنر ابراهيم حيدري سميت ٽن ايس ايڇ اوز مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم   وفاقي ريلوي کاتي جي زمين تي مبينا غيرقانوني قبضي، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ ڀتو طلب ڪرڻ جهڙن الزامن تحت ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو، اسسٽنٽ ڪمشنر ابراهيم حيدري امير علي ميراني، ۽ ٽن ايس ايڇ اوز خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويوآهي.سرڪاري حڪم نامي مطابق، مٿين آفيسرن تي الزام آهي ته انهن ريلوي کاتي جي 92 ايڪڙ زمين تي غيرقانوني چڙهائي ڪئي،

 جيڪا ريلوي کاتي پاران هڪ نجي ڪمپني کي قانوني طور تي ڏهن سالن جي لیز تي ڏني وئي هئي. ان زمين بابت ريلوي کاتي جا واضح ثبوت موجود آهن، جڏهن ته روينيو کاتي جا عملدار انڪوائري دوران ڪو به رڪارڊ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا رپورٽ موجب، ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر امير علي ميراني مبينا طور تي پٽواري سليم جان ڊومڪي جي معرفت نجي فرم کان 50 لک رپين جي ڀتي جو مطالبو ڪيو. جڏهن ڀتو فراهم نه ڪيو ويو ته، 25 اپريل 2025 تي اسسٽنٽ ڪمشنر، پٽواري ۽ ٻين سان ملي ڪري غيرقانوني طور تي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي.

جڏھن ته ريلوي کاتي انڪوائري دوران واضح بيان ڏنو ته مٿين 92 ايڪڙ زمين نجي شهري شيراز خان کي باقاعده لیز تي ڏني وئي آهي، ۽ ان سان لاڳاپيل سمورا دستاويزي ثبوت موجود آهن. ان جي ابتڙ، روينيو کاتي جا عملدار، جن ۾ مختيارڪار روينيـو حميد الله رند به شامل آهي، ڪو به رڪارڊ پيش ڪرڻ کان قاصر رهيا، جنهن تي سندن ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ جو شڪ وڌي ويو.

هن آرڊر م اڳوڻو ايس ايڇ او ابراهيم حيدري امين کوسو، ايس ايڇ او ملير سٽي فراست شاهه ۽ ايس ايڇ او اينٽي انڪروچمينٽ به شامل آهن، جن مٿان به ريلوي زمين تي غيرقانوني مدد ڏيڻ جو الزام آهي ذريعن  مطابق، معاملي جي سنگيني جي روشنيءَ ۾ وفاقي ادارا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسون وڌيڪ قدم کڻڻ لاءِ متحرڪ ٿي چڪيون آهن. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جلد ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو يا انهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو