آصف علي زرداري جو ايوان صدر ۾ رهڻ فائديمند يا هاڃيڪار، غور ويچار جاري؟

Spread the love

اسلام آباد (ويب ديڪس) جيڪي اهم اڳڀرايون ٿيڻ واريون آهن انهن تي خاموشي سان ڪم ٿي رهيو آهي، اهو غور هيٺ آهي ته صدر آصف علي زرداري جو ايوانِ صدر ۾ رهڻ فائدي مند هوندو يا هاڃيڪار هوندو. ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل ملاقات ۾ جيڪي خاطريون ڪرايون ويون آهن موجوده سياسي سيٽ اپ ان ۾ رنڊڪ ته نه بڻجندو پر جيڪا ٿوري گهڻي سياستبچي آهي ان کي بچائڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو. اهو ئي سبب آهي جو خاطرين کي پورو ڪرڻ سندس لاءِ ممڪن نه هوندو. خاطريون تڏهن پوريون ٿينديون جڏهن سياسي جي جاءِ ڪو ٻيو وٺي. اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته سياسي ۽ انتظامي ڍانچو ناڪام ٿي چڪو آهي

جيئن ايف آءِ ايف سي جهڙو ادارو مڪمل طور تي اسٽيبلشمينٽ جي ڪنٽرول ۾ آهي ان تحت وڏا شعبا ڪنٽرول ڪيا پيا وڃن. ذريعن موجب هاڻي ان اداري کي باقاعده ڊويزن جي شڪل ڏني پئي وڃي ته جيئن وزارتي منظورين جي ضرورت به ختم ٿي وڃي. 25هين آئيني ترميم تحت فاٽا کي صوبي جي ماتحت ڪيو ويو هو ان کي وفاق جي ڪنٽرول هيٺ آڻڻ جون ڪوششون شروع ٿي چڪيون آهن جنهن جو مقصد پختونخوا جي معدنيات جو ڪنٽرول وفاق ذريعي حاصل ڪرڻ آهي. صحافي زاهد حسين ان کي ٽرمپ ايجنڊا قرار ڏئي چڪو آهي.

سوال اهو آهي ته جيڪڏهن 18هين ترميم تحت صوبائي اختيار آئيني طريقي سان نه ته عملي طور تي ختم ڪيا ويا ته پيپلزپارٽي ڇا ڪندي؟ پ پ 18هين ترميم کي پنهنجو سڀ کان وڏو سياسي ڪارنامو سمجهي ٿي ۽ ان کي ڪيش ڪرائي ٿي. پ پ وٽ هاڻي نظام جو حصو رهڻ جا آپشن گهٽجي رهيا آهن، اسٽيبلشمينٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪئنالن جي اڏاوت جي منظوري ان جي شاهدي آهي. پ پ سمجهي ٿي ته سنڌ جي حڪومت وئي ته پارٽي به ختم ٿي ويندي،

ڪئنال مخالف تحريڪ ان سوچ جي حقيقت ظاهر ڪري چڪي آهي. آصف علي زرداري چولستان ڪئنالن جي اڏاوت تي راضي هو، پر دٻاءُ وڌڻ تي هن مخالفت ڪئي. اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته زرداري هڪ تير سان 2 شڪار ڪرڻ چاهي ٿو پر شڪاري هر ڀيري ڪامياب ناهي ٿيندو. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته صدر زرداري سنڌ حڪومت کي بچائڻ لاءِ ايوان صدر مان پاڻ ئي ڌار ٿي وڃي ۽ پنهنجا واعدا پورا ڪرائڻ ۾ مدد ڪري تڏهن به پ پ قيادت جي بقا خطري ۾ آهي.

اسٽيبلشمينٽ جا پراڻا اتحادي سنڌ ۾ ڏيڍ ڏهاڪي کان واندا ويٺا آهن، انهن کي به ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻو پوندو، آمريڪا کي به پاڪستان ۾ مستحڪم جمهوريت ڪڏهن به فائدي ۾ ناهي رهي، آمريڪا پاڪستان ۾ جرنيلن سان معاملا طئي ڪرڻ وڌيڪ سولو سمجهي ٿو. ٽرمپ کي هن وقت سڄي دنيا مان معدنيات جي ضرورت آهي، پاڪستان اهم لسٽ ۾ شامل ٿي چڪو آهي.

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو