جنگ بندي ۾ دير ۽ فلسطينين جو جاري قتل عام
وچ اوڀر ۾ انساني رت وھايو پيو وڃي. طاقتور ملڪ دنيا جي انتھائي وڏن مسئلن کي پٺي ڏئي ويٺا آھن، آمريڪا جي شھ تي اسرائيل فلسطينن کان سرعام ڏاڍ مڙسي سان ھنن کان جيئڻ جو حق ڦري رھيو آھي. گڏيل قومون رڳو مذمتي بيان جاري ڪرڻ ۾ رڌل آھن.ھفتن کان راڳ آلاپيو پيو وڃي تھ غزه ۾ جنگ بندي ٿي رھي آھي پر تاحال اسرائيل بي وس انسانن جو داڻو پاڻي بند ڪرڻ بعد پيرن ھيٺيان ڌرتيءَ بھ کسڪائي رھيو آھي. عالمي قانونن جي سرعام لتاڙ جاري آھي، ڪو بھ ملڪ يا ڪا بھ ڌر فلسطينن جي لاءِ اڳتي اچڻ لاءِ تيار نھ آھي.غزه ۾ جنگ بندي نھ ٿي سگھڻ بابت نت نوان مسئلا ميڊيا ۾ سامھون اچي رھيا آھن، جنھن موجب ھڪ سبب ھي آھي تھ جنگبندي معاهدي لاءِ ڳالهيون فلسطيني علائقي مان اسرائيلي فوجن جي واپسي تي اختلاف جي ڪري رڪجي ويون آهن، دوحا ۾ ڳالهين کان واقف فلسطيني ۽ اسرائيلي ذريعن ٻڌايو آھي ته اڻ سڌي طرح ڳالهيون، جيڪي آمريڪا پاران تجويز ڪيل 60 ڏينهن جي جنگ بندي سان لاڳاپيل آهن، جاري رهڻ جي اميد آهي.
عالمي ميڊيا مطابق ٻن فلسطيني ذريعن چيو آھي ته ڳالهيون ان ڪري رڪجي ويون آهن جو اسرائيل غزه ۾ پنهنجي فوج رکڻ جي تجويز ڏئي رهيو آهي. جيڪا ڪنھن بھ ريت قبولڻ جوڳي نھ آھي.ٻئي پاسي اسرائيل ڳالهين ھلندي غزه تي هوائي حملا جاري رکيا آهن ۽ غزه سول ڊفينس ايجنسي موجب ڇنڇر ڏينهن 20 کان وڌيڪ فلسطينين کي قتل ڪيو ويو آھي.اسرائيل جيڪو ڪنھن بھ عالمي قانون کي مڃڻ لاءِ تيار نھ آھي.اھو ڏاڍ مڙسي جو مظاھرو ڪري پيو.دنيا جي ميديا ۾ اھي خبرون آيون آھن تھ گھرن کان محروم ۽ بک ۾ پاھ ٿيل فلسطيني جڏھن امداد وٺڻ جي لاءِ امدادي ٽريڪن وٽ قطار ٺاھي بيھن ٿا تھ اسرائيل پاران انھن مٿان فائرنگ ڪري کين قتل ڪيو وڃي ٿو.اسرائيل جو موقف آھي تھ ڪنھن خطري سبب اھڙي فائرنگ ڪئي وڃي ٿي.پر اسرائيل جي انتظاميا جو اھو ڊارمو تن وقت وائکو ٿي ويو جڏھن فائرنگ ڪندڙ اھلڪارن ميڊيا کي ٻڌايو تھ کين بي سبب فائرنگ ڪرڻ جو حڪم مليل ھو.
ڇنڇر ڏينهن 17 ماڻهو شهيد ٿيا آھن، اھي ان وقت شھيد ڪيا ويا جڏهن اهي کاڌي جي امداد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ مٿن اسرائيلي فوج فائرنگ ڪري ڏني. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته 6 هفتن ۾ امداد جي طلب ڪندڙ 800 فلسطيني شهيد ٿيا آهن.اکين ڏٺن شاهدن برطانوي نيوز ايجنسي ‘رائٽرز’ کي ٻڌايو ته ماڻهن جي مٿي ۾ ۽ سيني ۾ گوليون هنيون ويون آهن. رائٽرز ڪيترائي لاش سفيد ڪفن ۾ ويڙهيل ڏٺا ۽ انھن جا مائٽ ناصر اسپتال ۾ روئي رهيا هئا.گڏيل قومن جي ست ايجنسين ڇنڇر ڏينهن هڪ گڏيل بيان ۾ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن غزه ۾ ٻارڻ (تيل) ختم ٿي ويو ته اهو اڳ ۾ ئي بک جي ڪناري تي موجود آبادي تي هڪ ناقابل برداشت نئون بار پوندو.اسرائيل ۽ حماس جا وفد هڪ هفتي کان قطر ۾ آهن، جتي يرغمالين جي مرحليوار آزادي، اسرائيلي فوجن جي واپسي ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهين لاءِ نئون دٻاءُ وڌو پيو وڃي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ملاقات ڪئي هئي، جنھن بعد چيو آهي ته هو جلد ئي هڪ ڊيل جي اميد رکي ٿو، پر اسرائيلي ۽ فلسطيني ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڊگهي عرصي کان هلندڙ مسئلا حل نه ٿيا آهن.
هڪ فلسطيني ذريعي چيو ته حماس اسرائيل پاران تجويز ڪيل نقشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري غزه جو تقريباً 40 سيڪڙو اسرائيلي ڪنٽرول هيٺ رهندو، جنهن ۾ رفح ۽ اتر ۽ اوڀر علائقا شامل آهن.ٻن اسرائيلي ذريعن چيو ته حماس چاهي ٿو ته اسرائيل مارچ کان اڳ گذريل جنگ بندي دوران ڪنٽرول حاصل ڪري وٺي.فلسطيني ذريعن چيو ته جنگ جي خاتمي لاءِ امداد ۽ ضمانتن جي فراهمي سان لاڳاپيل مسئلا پڻ رڪاوٽون آهن. دنيا جو ھي مسئلو جيترو اھم آھي اوترو ڳنڀير ٿيندو پيو وڃي وري عالمي طاقتون ھن خطي ۾ ٿيندڙ سنگين ظلم ۽ معاملي تي چپ سبي ويٺل آھن.
حماس ڊگهي عرصي کان مطالبو ڪيو جيستائين جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڪو معاهدو نه ٿيندو تيستائين اھو باقي يرغمالين کي آزاد نھ ڪندو. جڏهن ته اسرائيل جو ضد آھي تھ جيستائين سڀئي قيدي آزاد نه ڪيا ويندا ھو جنگ جار رکندو ۽ اسرائيل جو ارادو آھي تھ حماس کي هڪ جنگي قوت ۽ غزه ۾ انتظاميه ۾ ڪنھن بھ امڪاني ڪردار ادا ڪرڻ کان معذور ڪيو وڃي.جنگ بندي نھ ٿي سگھڻ جي ٻين سببن مان ھڪ سبب ھي آھي تھ اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياھو جي حڪومت ختم ٿيڻ جو خطرو آھي.آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز غزه ۾ جنگ کي ڊيگھي جو الزام اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو تي ھنيو آهي.
هڪ رپورٽ ۾ نيويارڪ ٽائمز لکيو آهي ته نيتن ياهو اپريل 2024 ۾ يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي آڇ تي جنگ بندي تي راضي ٿيو هو، پر سخت گير اسرائيلي اتحاد جي مالياتي وزير، بي زليل سموترچ، انڪار ڪيو. بي زليل چيو ته جيڪڏهن جنگ بندي ٿئي ٿي ته هو اتحادي حڪومت ڇڏي ڏيندو. نتن ياهو پنهنجي حڪومت کي برقرار رکڻ لاءِ جنگ بندي کي رد ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن جنگ بندي کان پوءِ نيتن ياهو اليڪشن ۾ شڪست کائي ها ته، بدعنواني جو ڪيس جنھن کي نيتن ياهو 2020 کان منهن ڏئي رهيو آهي، ٻيهر کلي وڃي ها.اھڙي ريت جنگ کي ڊگھي ڪرڻ جي پٺيان اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياھو جي اقتدار ۾ رھڻ واري چال جو بھ عمل دخل آھي.
اڪثر ملڪن جا اڳواڻ تھ دنيا جي طاقتور ملڪن آڏو جھڪي رھيا آھن پر عام ماڻھو فلسطين ۾ جاري قتل عام خلاف آھي، مسلمان ملڪ بھ ھن سنگين مسئلي ڏانھن گھربل ڌيان ڏيڻ لاءِ اڳيان نھ اچي، اسرائيل ۽ آمريڪا پاران فلسطين جي عوام مٿان ٿيندڙ ظلم ۾ برابر جا شريڪ آھن.جنگ کي ڊيگھه ڏيڻ سان تھ ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبل امن انعام بدران نيتن ياھو ۽ ٽرمپ کي عالمي عدالت ۾ ڪيس ھلائي، فلسطين جي عورتن ٻارن ۽ عوام کي قتل ڪرڻ ۽ قتل ڪرائڻ جي ڏوھ ۾ عبرتناڪ سزا ڏيڻ گھرجي.
جُولاءِ 14, 2025