ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ تيل اگهن ۾ ڪيتري واڌ ٿيندي؟ عوام لاءِ پريشاني جي خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ جو رجحان برقرار آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ به ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 60 پئسا، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 27 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.
هوڏانهن گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل سستو ٿيڻ جو امڪان آهي، گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 74 پيسا ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 23 پيسا في ليٽر لاٿ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب تيل اگهن ۾ تبديلي بابت شروعاتي ورڪنگ مڪمل ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان اوگرا پنهنجي سمري سڀاڻي حڪومت کي موڪليندي.
حتمي منظوري وزيراعظم طرفان ڏني ويندي، جنهن کانپوءِ نون اگهن جو باضابطا طور اعلان ڪيو ويندو.