امر گل سان ملهايل شام جو اکين ڏٺو احوال

Spread the love

محمد رمضان جوکيو

اسان وٽ اڪثر ائين چيو ويندو آهي ته اسان مرده پرست ماڻهو آهيون ۽ اسان پنهنجي محسنن, اديبن, شاعرن ۽ ڌرتي جي عظيم ڪردارن جو جيئري قدر ناهيون ڪندا بلڪه مرڻ کانپوء سندن مزارن تي ميلا مچائيندا آهيون۔ پر
اڄ سگا پرانچ گڏاپ جي دوستن ان مفروضي کي رد ڪندي, هڪ سٺي روايت کي جنم ڏيندي, ملير جي زرخيز زمين مان جنم وٺندڙ حساس دل شاعر امر گل سان شام ملهائيندي ۽ ان کان به ڪجهه سال اڳ 2020ع ۾ سنڌ ڌرتي جي عظيم تاريخدان, محقق ۽ ليکڪ محترم مرحوم گل حسن ڪلمتي سان پڻ هنن ئي دوستن بادام باغ ۾ سندس حياتي ۾ ئي ساڻس روح رهاڻ ڪندي اهو ثابت ڪيو آهي ته اسان پنهنجي محسنن ۽ ڌرتي جي عظيم ڪردارن جو قدر سندن مرڻ کانپوء ته هونئن ئي ڪندا آهيون۔ پر کين جيئري به جيء ۾ جايون ڏيندا آهيون۔
اڄ جنهن شخصيت سان سگا برانچ گڏاپ طرفان شام ملهائي وئي اهو ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي۔ امر گل بنيادي طور شاعر, اديب, خوبصورت ڪليگرافر,ڦوٽو گرافر,مفڪر, نثرنگار, مقرر, محقق,۽ وڏي ڳالهه پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل اسيسٽينٽ پروفيسر (سنڌي) آهي۔
امر گل هن وقت تائين سنڌي ادب کي شاعري جا ٻه مجموعا ڏئي چڪو آهي۔ سندس شاعري جو پهريون ڪتاب “سپني جو سپنو” 2002ع ۽ سندس شاعري جو ٻيو مجموعو ” پيار جو ڪتاب” 2008ع ۾ شايع ٿيو۔
امر گل جو ٽيون ڪتاب “رابنس ڪرسو” نالي ترجمو ٿيل ناول آهي جنهن جو اصل ليکڪ ڊيفل آهي۔ جنهن جي اڄ مهورتي تقريب پڻ هئي۔
اڄوڪي هن پروگرام جي صدارت راشد بلوچ ڪئي۔ پروگرام جي شروعات تلاوت پاڪ سان ڪئي وئي۔ پروفيسر وقار بلوچ شاهه جا بيت پڙهيا, عابد اسحاق مهمانن کي ڀليڪار ڪئي, پروفيسر شعيب بروهي امر گل جي شخصيت تي هڪ شاگرد جي حيثيت جا پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو۔ پروفيسر شاهد رضا امر گل جي ترجمو ڪيل ناول تي روشني وڌي, پروفيسر فرمان هڪ خوبصورت گيت جهونگاريو, پروفيسر محمد رمضان امر گل جي شاعري تي ڳالهايو, پروفيسر ابوبڪر پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ پروفيسر نصرالله بلوچ امر گل جي شخصيت تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو۔ پروفيسر ڊاڪٽر رخمان گل پالاري امر گل جي فن, فڪر ۽ شخصيت تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو۔ آخر ۾ امر گل کي سگا برانچ گڏاپ طرفان سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور شيلڊ پيش ڪئي وئي ۽ مختلف ماڻهن امر گل کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا۔
هن پروگرام ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪري امرگل سان محبت جو اظهار ڪيو۔
آخر ۾ هڪ ڪامياب پرگرام ڪرڻ تي سڳا جي سموري سٿ کي سلام هجي

جُولاءِ 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو