پي ٽي آءِ 5 قومي اسيمبلي ميمبرن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف 26هين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ 5 قومي اسيمبلي ميمبرن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر موجب اهو فيصلو آئين ۽ جماعتي پاليسي کان ڦرڻ تي ڪيو ويو.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ميمبرن اورنگزيب کچي، مبارڪ زيب خان، عثمان علي، ظهور قريشي ۽ الياس چوڌري کي باضابطا طور پارٽي مان ڪڍيو ويو آهي.

جُولاءِ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو