وڳڻ ۾ جسقم خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي، ڪارڪنن جو پرامن جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ:عاجز چانڊيو ) وڳڻ جسقم پاران جسقم ضلعي دادو جي صدر منصور جمالي، جساف اڳواڻ دريا خان پنهور نياز چنو سالار سولنگي ضمير سنڌي ۽ نويد لنڊ سميت 21 ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڪارڪنن پاران ضلعي صدر مختيار پنھور جي اڳواڻيء ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف روڊن رستن کان ٿيندي وڳڻ پريس ڪلب پھتي جتي احتجاج کي خطاب ڪندي جسقم ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي صدر مختيار پنھور، شاھجھان ڪلھوڙو، جي ايم وڳڻ، ڪامران پنھور، شبير ديشي، صوبدار جتوئي ۽ الھرکيو ٻرڙو چيو ته جسقم ھڪ پرامن سياسي تنظيم آھي

جيڪا سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري نظرئي تحت سنڌ حقن جي حاصلات لاء پرامن سياسي جدوجھد ڪري آھي پر ان باوجود به جسقم ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي پر اسان سنڌ حڪومت سميت وفاقي سرڪار پوليس ۽ ٻين کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته ڪوڙا ڪيس اسانکي جھڪائي نٿا سگھن اسان ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناھيون اسان سنڌ جي پاڻيء زمينن معدني وسيلن ۽ سمورن جائز حقن جي حاصلات لاء پرامن جدوجھد جاري رکنداسين،

جُولاءِ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو