نظرانداز ٿيل هڪ سچي سياسي ڪارڪن جي ڪٿا

Spread the love

سياست صرف نعرا هڻڻ، تصويرون ڇپائڻ يا جلسا خطاب ڪرڻ جو نالو نه آهي، پر اها عبادت، جدوجهد، قرباني ۽ مسلسل خدمت جو سفر آهي. اهڙن ئي ڪارڪنن مان ڪو هڪ اڳتي هلي مقامي ليڊر بڻجي ٿو، جيڪو بنا ڪنهن عهدي جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو آهي، پر افسوس جو هو ڪڏهن ڪڏهن پارٽي اندر ئي نظرانداز ٿي ويندو آهي. الله ڏنو سومرو، ڀٽائي آباد ملير ڪراچي جو هڪ نالو جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي جي لاءِ 25 سالن کان وڌيڪ وقت تائين بنا ڪنهن لالچ جي جدوجهد ڪندو رهيو ۽ ڪندو پيو اچي، عوام سان ڳنڍيل، هميشه پارٽي جي منشور تي يقين رکندي پنهنجي زندگي جي قيميتي وقت کي پارٽي جي خدمت لاءِ وقف ڪيو. هڪ اهڙو سياسي ورڪر، جيڪو تنظيم جي هر سطح تي فعال رهيو، پر ان جي باوجود هن کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو.

الله ڏنو سومرو جو جنم شڪارپور سومرا ڪالوني ميراڻي پاڙي جي هڪ باشعور ۽ سومرو برادري جي معزز وڏيرو محمد پنجل سومرو جي گهراڻي ۾ ٿيو، الله ڏني سومري 1993ع جي ڏهاڪن دوران تعليم مڪمل ڪري ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو، الله ڏنو سومرو جي شروعات کان ئي دلچسپي سياسي تحريڪن، سماجي خدمت ۽ عوامي مسئلن جي حل ۾ رهي آهي. هو نوجواني ۾ ئي پيپلز پارٽي سان وابسته ٿيو، جڏهن ته پارٽي جنرل ورڪرن لاءِ دروازا کليل هئا ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي نعري ”ماني، ڪپڙي ۽ اجهي“ تي هن جو ويساهه هو. الله ڏنو سومرو صرف جلسن جلوسن تائين محدود نه رهيو، هن تنظيم جي تعلقي سطح تي مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو ۽ پارٽي جي اميدن تي پورو لهندو آيو، پارٽي جي هر چونڊ مهم ۾ اڳيان اڳيان رهيو، ڏکيو وقت هجي يا خوشيءَ جا لمحا، الله ڏنو سومرو پارٽي جي قيادت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندو رهندو آهي سالن جا سال، الله ڏنو سومرو پنهنجو گهرو وقت، پنهنجي اولاد جو حق، پنهنجو ڪاروبار سڀ ڪجهه پارٽي لاءِ قربان ڪري ڇڏيو. اڪثر هو پنهنجن ذاتي مسئلن کي به پاسي تي رکي پارٽي جي هدايتن تي عمل ڪندو رهيو. سختين جو دور هجي يا سياسي مخالفن جون ڌمڪيون، هن ڪڏهن به پارٽي کي ڇڏي وڃڻ جو نه سوچيو.

جيتوڻيڪ الله ڏنو سومرو ڪيترن ئي موقعن تي پارٽي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پر جڏهن به تنظيم جي عهدن جي ورهاست ٿي يا چونڊن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست جو وقت آيو، ته الله ڏنو سومري کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو. هن کي ايم پي اي جي ٽڪيٽ لاءِ ڪڏهن به غور جوڳو نه سمجهيو ويو، جڏهن ته ڪيترائي اهڙا ماڻهو جيڪي پارٽي سان سياسي مفادن لاءِ ۽ فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏهاڙا وابستگي رکن پيا، انهن کي اڳتي آندو ويو. الله ڏنو سومرو ملير، ڀٽائي آباد سميت ڀرپاسي ڌڻي بخش ڳوٺ، بختاور ڳوٺ، موريا خان ڳوٺ،هزاره ڳوٺ، سچل ڳوٺ، ماروئڙا، بختاور ڳوٺ، شاهنواز شر ڳوٺ، غازي ڳوٺ، سعيد وليج، صفوران سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ عوامي سطح تي هڪ سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي هو مقامي سطح تي مسئلا حل ڪرائڻ، علائقائي ترقياتي ڪم، نوجوانن جي رهنمائي ۽ ماڻهن کي روزگار جي فراهمي لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو. ان جي باوجود قيادت هن جي خدمتن کي ايترو مان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

الله ڏنو سومرو جو چوڻ آهي ته پارٽي سان سندس رشتو صرف سياست جو ناهي، اهو جذبي، نظريي ۽ قرباني جو رشتو آهي. هو اڄ به ان اميد تي قائم آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن قيادت هن جي قربانين جو اعتراف ڪندي. جڏهن به پارٽي تي تنقيد ٿيندي آهي، هو اڳيان اچي پارٽي جي بچاءَ ۾ دليلن سان ڳالهائيندو آهي. هن وقت منهنجي دل ۾ ڪي سوال پڻ اٿي رهيا آهن ته ڇا پاڪستان جي سياسي پارٽين وٽ اهڙن وفادار ڪارڪنن لاءِ ڪا پاليسي موجود آهي؟، ڇا قرباني ۽ جدوجهد جي بنياد تي عهدن جي ورهاست جو ڪو معيار مقرر ٿيندو؟، ڇا قيادت کي اهڙن ڪارڪنن سان انصاف ڪرڻ گهرجي…؟ الله ڏنو سومرو جهڙا ڪارڪن ڪنهن به سياسي پارٽي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جيان هوندا آهن. جيڪڏهن اهڙن ماڻهن جي خدمتن جو اعتراف نه ڪيو ويو ته نه صرف ڪارڪن مايوس ٿيندا، پر عوام جو اعتماد به سياسي نظام تان ختم ٿي ويندو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کي گهرجي ته اهڙن وفادار، محنتي ۽ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن کي نظرانداز ڪرڻ جي پاليسي کي ختم ڪري کين اڳتي آڻڻ لاءِ باقاعدي پاليسي جوڙڻ گهرجي.

گل بهار علي گاڏهي / ڪراچي

سنڌ جي سونهن فقط ان جي درياهن، ماڳن ۽ ٻيلن ۾ ناهي پر ان جا ماڻهو به ان جي سونهن جو حصو آهن. پر جڏهن اها سونهن ڀوتارڪي نظام ، ڌاڙيل راڄ ، ظلم جي ور چڙهي وڃي ته پوءِ اتي رڳو لاش، آهون ۽ بي وسي کانسواءِ ڪجهه به نٿو بچي. اڄ سنڌ جا ڪيترائي علائقا ڌاڙيل راڄ ، بدامني جي ور چڙهي اهڙو مثال بڻجي چڪا آهن جتي انسان جي عزت، جان ۽ مال جو ڪو ڀرجھلو نه رهيو آهي.دڙو شھر جي غريب گلڻ ٺاراڻي سان ٿيل ظلم انساني ضمير کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي. سڪل ماني ۽ بصر جي ڳنڍ سان بک مٽائيندڙ هي بي وس انسان جنهن جي ڪا وڏي ملڪيت نه هئي پوءِ به ڌاڙيلن کيس اغوا ڪري سندس وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب ڪيو . نه ڏيڻ تي لاش کي وڻ ۾ ٽنگي ڪانگن جي خوراڪ بڻائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. اهڙا واقعا رڳو دھشت نه پر بي حسي ۽ بي ضميريءَ جي انتها جو مظاهرو ڪن ٿا.

گلڻ کي ڪاري جھنگل ۾ قيد ڪيو ويو جتي سنگھرن سان جڪڙيل ھي بيوس انسان، بک، اڃ، ماڪوڙين ۽ مڇرن جو کاڄ بڻجڻ واري حالت ۾ نيٺ سندس نازڪ جان هٿ ٻڌي، الله آڏو پيش ٿي وئي. هن معصوم جي زندگي، ڌاڙيلن جي وحشت، انتظامي غفلت ۽ بي وس وارثن جون آهون اهڙو داستان بڻجي ويون آھن جيڪو تاريخ جي ورقن ۾ خون سان لکي ڇڏڻ جي لائق آهي.محلن ۾ ويٺلن لاءِ هي ڀلي هڪ معمولي واقعو هجي پر انهن لاشن جي ڪهاڻين ۾ جيڪا بددعا لڪل آهي اها هڪ ڏينهن ڪنهن ڪنڊ پاسي کان ظالم ڌاڙيلن انھن جي سرپرستن ۽  محلن ۾ رھندڙ وس وارن کي ضرور لوڏيندي. اڃا تائين ڌاڙيل راڄ جي ڇاڙتن، انھن جي سرپرستي ڪندڙ ڀوتارن جيڪي معصوم انسانن کي ڳجھن جيئان کائي رهيا آهن انھن خلاف اڃا تائين ڪو به قدم نه کنيو ويو آھي. ان ڪري نه رڳو بيگناھ جانيون ضايع ٿين پيون پر انهن جي وارثن کان روئڻ ۽ فرياد ڪرڻ جو حق به کسيو ويو آهي.هي فقط ھڪ گلڻ ٺاراڻي جو قصو نه آهي پر هر ان غريب، مسڪين ۽ بي پھچ انسان جي ڪهاڻي آهي جيڪو ڌاڙيل مافيا جي بي حسي جو شڪار بڻجي ٿو.ھاڻي اھو وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي عوام کي انھيءَ ظلم کان نجات ڏيارڻ لاء خاص ڪري ڌاڙيل راڄ جي ور چڙهيل علائقن ۾ حڪومت سنجيده اپاءُ وٺي اغوا جون وارداتون ڪندڙ ڌاڙيلن ۽ انھن جي سرپرستي ڪرڻ وارن خلاف فيصلائتو آپريشن ڪري قانون جي عملداري بحال ڪرڻ سان گڏ اغوا ۽ شهيد ٿيندڙ بي گناھ انسانن کي انصاف ڏياري.جيستائين هن ڌاڙيل راڄ جي ناسور خلاف سنجيدگي سان ويڙهه نه ڪئي ويندي، تيستائين گلڻ ٺاراڻي وانگر ڪيترائي مظلوم بي رحم ڌاڙيلن جي ظلم جو شڪار ٿيندا رهندا ۽ سنڌ صرف لاشن جو ڳوٺ بڻجي ويندي.

جُولاءِ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو