دادو: پوليس جو فرض وساري “ٽڪ ٽوڪ”، ورديءَ ۾ ڊانس ڪندڙ اهلڪار وڊيو ۾ وائکا، شهرين جو سخت احتجاج ۽ سو موٽو ايڪشن جو مطالبو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي )دادو:سنڌ پوليس ھاڻي چور ڦورو گرفتار ڪرڻ بجاءِ ٽڪ ٽوڪر بڻجي وئي، شهري ڦورن چورن هٿان لٽجڻ لڳا شھرين جو الله واھي   انصاف جو در وومين پروٽيڪشن سيل ٿاڻو دادو ٽڪ ٽوڪرن حوالي

وومين ٿاڻي جا پوليس اھلڪار ورديون پاتل قائد اعظم جي تصوير جي پويان ايس ايڇ او جي ٽيبل تي چڙھي  ۽ ڪرسين تي ويھي ٽڪ ٽوڪ ٺاھيندي نظر اچي رھيا آھن ۽ نچي رھيا آھن، ويڊيو ۾ صاف ظاھر ۽ ڏسي سگھو ٿا ته ايس ايڇ او جي ٽيبل تي پوليس دلبر لنجار نظر اچي رھيو آھي ۽ ٻيا پوليس اھلڪار رياض پنھور، مرتضي پنڙ، طارق لنڊ ڪرسين تي ٽڪ ٽوڪ ٺاھيندي نظر اچي رھيا آھن جيڪي ٿاڻي اندر ڊانس ڪري رھيا آھن

دادو جي سڄاڻ حلقن جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليس ٽڪ ٽوڪر بڻجي وئي ته چور ڦورو ڪير گرفتار ڪندو پوءِ شھرين جو الله ٻيلي آهي، 

ھاڻي شھر چورن ڦورن حوالي پوليس ٽڪ ٽوڪ ٺاھڻ واري عمل جي دادو جي سياسي سماجي شھري حلقن پوليس جي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا فوري سو موٽو ايڪشن کنيو وڃي،

جُولاءِ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو