جسپريت بُمرا ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ فاسٽ بالر جسپريت بُمرا ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي مداحن ۽ ڪرڪيٽ حلقن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
لارڊز جي تاريخي ميدان تي انگلينڊ خلاف جاري ٽِين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن بُمرا شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 74 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ انگلينڊ جي مڊل آرڊر کي تباهه ڪري ڀارت جي ميچ تي پڪڙ مضبوط ڪئي.
ان شاندار ڪارڪردگي کانپوءِ پهريون ڀيرو سندس نالو لارڊز جي اعزازي بورڊ ۾ شامل ٿي ويو آهي.
ان کانسواءِ بُمرا ٽيسٽ ڪيريئر ۾ پندرهون ڀيرو پنج يا ان کان وڌيڪ وڪيٽون وٺي نه فقط نئون اعزاز ماڻي ورتو، پر ڀارت کان ٻاهر سڀ کان وڌيڪ پنج وڪيٽون وٺڻ جي لحاظ کان هم وطن ليجنڊ ڪپل ديو جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو.
پر ان کان به وڌيڪ جنهن ڳالهه سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو، اها هئي بُمرا جو غير معمولي خاموش جشن.
عام طور تي وڪيٽ وٺڻ کانپوءِ جوش سان خوشيءَ جو اظهار ڪندڙ بُمرا هن ڀيري پنجين وڪيٽ وٺڻ بعد بنا ڪنهن خوشيءَ جي اظهار جي خاموشيءَ سان پنهنجي بالنگ مارڪ ڏانهن موٽي ويو.
لارڊز ۾ بُمرا جي هن خاموش رد عمل سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي، جتي ڪيئي واهپيدار اُهو سوال اُٿاري رهيا آهن ته ڇا هو ڊگهي فارميٽ يعني ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي رهيو آهي؟
راند جي ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس دوران جسپريت بُمرا ان بابت وضاحت ڪندي چيو”سچ ڳالهه اِها آهي ته مان ٿڪجي پيو هئس، نه اها خوشي هئي، نه ڏک. ڊگهي اسپيل کان پوءِ واقعي مان ٿڪ محسوس ڪري رهيو هئس.“
هن وڌيڪ چيو” هاڻي مان 21 يا 22 ورهين جو نوجوان نه آهيان، جو وڪيٽ وٺڻ تي ٽپا ڏيان، مان خوش هئس ته ٽيم لاءِ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، انڪري ايندڙ بال لاءِ تيار ٿيڻ لاءِ بالنگ مارڪ ڏانهن موٽي آيس.“
بُمرا جو اِهو بيان ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ سندس جسم تي دٻاءُ وجهي رهي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هوجلد ڪو وڏو فيصلو ڪري، ائين جيئن ويرات ڪوهلي اوچتو ٽيسٽ ڪپتاني ڇڏي ڏني هئي.