27 مان وڌيڪ 5 يوٽيوب چينلن جي بندش جو حڪم معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ 27 مان وڌيڪ 5 يوٽيوب چينلن جي بندش جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن ٻن چينلن جي بندش جو حڪم معطل ڪيو ويو هو.
اسلام آباد جي عدالت ۾ 27 يوٽيوب چينلن جي بندش جي عدالتي حڪم خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت وڌيڪ 5 يوٽيوب چينلن جي بندش جو حڪم معطل ڪيو.
سيشن عدالت نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي کي 21 جولاءِ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.