پنجاب ۾ اٺين جماعت جا بورڊ امتحان بحال ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت اٺين جماعت جا بورڊ امتحان ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اهي 5 سال اڳ ختم ڪيا ويا هئا.
اهو فيصلو تعليم واري وزير راڻا سڪندر حيات جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ هن چيو ته اٺين درجي لاءِ بورڊ امتحانن جو سلسلو باقاعدي طور ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پنجين، ڇهين ۽ ستين جماعت جي شاگردن لاءِ امتحانن کي ”اسسمنٽ ٽيسٽ“ جي صورت ۾ ورتو ويندو.
هن تعليم کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته هڪ مهيني اندر انٽرنل اسسمنٽ سسٽم جو واضح طريقي ڪار تيار ڪيو وڃي ته جيئن تعليمي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.