پاڪستاني شوبز انڊسٽريءَ ۾ سياست ۽ پنهنجا نوازي آهي: نوشين شاهه

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ميزبان نوشين شاهه شوبز جي دنيا ۾ موجود سياست بابت پردو کڻي ڇڏيو آهي.
ويجهڙ اداڪارا نجي ٽي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن نه رڳو ميزبان سان دلچسپ ڳالهيون ڪيون، پر شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا به ڀرپور جواب ڏنا.
انٽرويو دوران پروگرام ۾ موجود هڪ مداح نوشين شاهه کان پڇيو ته ”هر شعبي ۾ سياست هوندي آهي، ته ڇا شوبز انڊسٽريءَ ۾ به ائين ٿيندو آهي؟“
سوال جي جواب ۾ نوشين شاهه چيو ته ”ها، ضرور ٿيندي آهي، پر ان کان وڌيڪ فيورٽ اِزم هوندو آهي، يعني ڪنهن کي ڪاسٽ ڪرڻو آهي ۽ ڪنهن کي نه.“
اداڪارا جي جواب تي ميزبان هڪ ٻيو سوال ڪيو ته ”اڪثر چيو ويندو آهي ته شوبز انڊسٽريءَ ۾ دوستي ناهن ٿينديون، سچا دوست ته ٻالڪپڻ ۾ بڻجن ٿا، پوءِ پروفيشنل زندگيءَ ۾ ڏاڍو مشڪل سان ڪو سچو دوست ملي ٿو، ڇا انڊسٽريءَ ۾ واقعي دوستيون ٿينديون آهن؟“
ان سوال جي جواب ۾ نوشين شاهه چيو ته ” ها، انڊسٽريءَ ۾ ضرور دوستيون ٿين ٿيون، جيئن هانيا عامر جي شازيه وجاهت ۽ وجاهت رئوف جي ٻارن سان گهري دوستي آهي، مومل شيخ ۽ حسن رضوي جا به سٺا لاڳاپا آهن.“
اداڪارا وڌيڪ چيو ته ”اسان هڪ ٻئي سان ملندا آهيون، پر ڪڏهن خبر ناهي هوندي ڪير ڪهڙن حالتن مان گذري رهيو آهي.“
ميزبان طرفان جڏهن اهو پڇيو ويو ته ” توهان جو انڊسٽريءَ ۾ بهترين دوست ڪير آهي؟“ جنهن جي جواب ۾ نوشين شاهه بنا ڪنهن دير جي زارا ترين جو نالو ورتو ۽ چيو ته ” زارا ۽ انوشي اشرف ڏکئي وقتن ۾ تمام گهڻو ساٿ ڏنو، ان کانسواءِ هانيا عامر سان به سٺا لاڳاپا آهن.“

جُولاءِ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو