ٺٽو: سينيئر صحافي حافظ مشتاق احمد ميمڻ روڊ حادثي ۾ زخمين سبب لاڏاڻو ڪري ويو، صحافتي حلقن ۾ سوڳ

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي)  سينيئر صحافي حافظ مشتاق احمد ميمڻ جو روڊ ايڪسيڊنٽ سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي  لاڏاڻو ڪري ويو، صحافتي برادري سوڳوارٺٽي جو سينيئر صحافي ۽ پريس ڪلب ٺٽو جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري حافظ مشتاق احمد ميمڻ ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وفات جي خبر سان صحافتي، سماجي، ادبي ۽ سياسي حلقن ۾ غم ۽ افسوس جي لهر ڇانجي وئي آهي.

 تفصيل موجب، حافظ مشتاق احمد ميمڻ گذريل ڏينهن پنهنجي زرعي زمين تان موٽي ٺٽي اچي رهيو هو ته بگھار موري روڊ جي ويجهو هڪ ڪتي کي بچائيندي سندس موٽر سائيڪل سلپ ٿي پئي، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو. زخمي حالت ۾ کيس فوري طور سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، جتان ابتدائي طبي امداد کانپوءِ نازڪ حالت سبب ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو،

جتي هو علاج دوران جانبر نه ٿي سگهيو ۽ ڇنڇر ڏينهن پنهنجي خالقِ حقيقي سان وڃي مليو۔ مرحوم حافظ مشتاق احمد ميمڻ هڪ بيباڪ، اصولن تي قائم ۽ ايماندار صحافي طور سڃاتو ويندو هو، جنهن هميشه قلم جي حرمت جو خيال رکيو ۽ سچائي جي اشاعت لاءِ بي خوف جدوجهد ڪئي. هو عوامي مسئلن جو آواز ۽ هڪ سرگرم صحافتي ڪارڪن هو۔

سندس وفات تي ايوانِ صحافت ٺٽو سميت سڄي ضلع جي صحافين، اديبن، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران گہرے رنج ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته وارثن سان تعزيت ڪندي، مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعائون ڪيون ويون آهن۔

جُولاءِ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو