نوابشاهه: بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر جو پريس ڪلب جو دورو، پاڪستان سان واپاري، ثقافتي ۽ تعليمي لاڳاپن جي واڌاري تي زور

Spread the love

نوابشاھ( رپورٽ: عبدالفتاح رند)بنگلاديش جي ھاءِ ڪمشنر محبوب العالم نوابشاھ پريس ڪلب جي دوري دوران ڳالهائيندي چيو تہ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، سفارتي رابطن ۾ واڌ آڻڻ، ۽ معاشي، اقتصادي ۽ سماجي ترقي لاءِ نون موقعن جي تلاش لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.

ھن چيو تہ ٻنھي ملڪن جا ماڻهو تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رشتن ۾ جڪڙيل آھن، جن کي عملي سهڪار ۽ مثبت رابطن جي ذريعي وڌيڪ مضبوط ڪري سگھجي ٿو.

محبوب العالم چيو تہ اڄوڪي دور ۾ واپار، سيڙپڪاري، تعليم، صحت، ۽ صنعت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا بيشمار موقعا موجود آھن. بنگلاديش تيار آهي تہ پاڪستان سان واپاري لاڳاپن ۾ واڌ، صنعتي ۽ زرعي منصوبن تي گڏجي ڪم ڪرڻ، تعليمي ادارن وچ ۾ تعاون وڌائڻ، ۽ شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جا موقعا پيدا ڪري، جيئن ٻنھي ملڪن جي نوجوان نسلن لاءِ روشن مستقبل جو رستو هموار ٿئي.

ھن زور ڀرييندي چيو تہ ميڊيا ٻنھي ملڪن وچ ۾ مثبت پيغام پھچائڻ جو ذريعو آهي، ۽ صحافين کي گھرجي تہ عوام جي وچ ۾ ڀائيچاري، تعاون ۽ چڱي خواهشن جي واڌاري لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن.

ھن چيو تہ ميڊيا جي ذريعي معاشي سرگرمين جي واڌاري، واپار جي امڪانن، ٻنھي ملڪن جي سياحتي ماڳن ۽ ثقافتي رنگن کي اجاگر ڪري عوام کي ويجھو آڻي سگھجي ٿو.

بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر وڌيڪ چيو تہ بنگلاديش پاڪستان سان واپاري لاڳاپن ۾ رڪاوٽن جي خاتمي، ۽ ويزا پاليسي ۾ آساني آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، جيئن ڪاروباري برادرين جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿين ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿين

ھن چيو تہ بنگلاديش پاڪستان سان گڏجي واپاري ميلن، واپاري وفدن جي ڏي وٺ، ۽ ثقافتي و ادبي سرگرمين جي واڌاري لاءِ ھر ممڪن تعاون ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

ھن وڌيڪ چيو تہ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ لاڳاپن جو مضبوط هجڻ نهايت ضروري آهي، ۽ ڏکڻ ايشيا جي ترقي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻ گھرجي.

دوري جي پڄاڻيءَ تي نوابشاھ پريس ڪلب جي صدر محمد انور شيخ، جنرل سيڪريٽري مشرف علي ڀٽي، جوائنٽ سيڪريٽري فياض چنڊ ڪليري، ورڪنگ ڪميٽي جي ميمبرن رضوان ٿيٻو، خالد فاروقي،  پاران هاءِ ڪمشنر محبوب العالم کي روايتي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي تحفي طور پيش ڪئي وئي، جڏھن تہ هاءِ ڪمشنر نوابشاھ جي صحافين جي مهمان نوازي ۽ مثبت ڪردار جي ساراهه ڪئي ۽ چيو تہ هو هتي جي محبت ۽ عزت کي سدائين ياد رکيو ويندو آن موقعي تي چيمبر آف ڪامرس جي صدر ڊاڪٽر ايوب آرائين، ڊاڪٽر ذيشان آرائين، ڪيمرا مينن رمضان ڀٽي، شعبان خاصخيلي، ايم ڊي ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي

جُولاءِ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو