صدر جي استعيفيٰ بابت خبرن تي وزيراعظم به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري کان استعيفيٰ وٺڻ يا فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدر بڻجڻ جي خواهش بابت خبرن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو.
ملڪ جي مشهور انگريزي اخبار جي رپورٽ موجب وزيراعظم واضح لفظن ۾ چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ڪڏهن صدر بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪئي نه ئي اهڙي ڪا تجويز غور هيٺ آهي.
هن چيو ته صدر آصف علي زرداري، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ مان، ٽنهي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهن.
شهباز شريف چيو ته ميڊيا جي ڪجهه حلقن ۾ صدر آصف علي زرداري جي استعيفيٰ بابت گردش ڪندڙ خبرن ۾ ڪا سچائي ناهي.