سڪرنڊ: سائنو پاڪ ووڪيشنل ڪاليج جو قيام، شاگردن لاءِ چائنا ۾ وٽرنري تعليم جا موقعا
سڪرنڊ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) چائنا ۽ پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان شهيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي آف اينيمل سائنس سڪرنڊ ۾ سائنو پاڪ ووڪيشنل ڪاليج جو قيام ڪيو ويو آهي. جنهن جو مقصد وٽرنري تعليم، اينيمل سائنس ۽ ووڪيشنل ٽريننگ کي بين الاقوامي تعاون ذريعي وڌائڻ آھي.
هن جي نمائندگي وي سي ڊاڪٽر فاروق حسن متي، پرو وي سي ڊاڪٽر زاهد اقبال راجپوت ۽ پرنسپال ڊاڪٽر هدايت الله سومرو ڪري رهيا آهن. هنن ٻڌايو ته ڪاليج ۾ ٽن سالن جي لاءِ شاگردن کي داخلا ڏني وئي آهي. پهرئين سال جي شاگردن جا ٻه سيميسٽر ٿي چڪا جن مان ذھين ۽ ٽيسٽ پاس ڪندڙ شاگردن کي ھڪ سال لاءِ شانڊونگ ۽ وي فانگ ووڪيشنل ڪاليجز چائنا موڪليو ويندو.
جتي کين جديد وٽرنري ۽ اينيمل سائنس بابت تعليم ڏني ويندي ۽ انهن کي بين الاقوامي ماحول ۾ عملي ۽ نظرياتي سکيا ملندي. هن موقعي لاءِ ڪي 24 پهريون بيچ تيار آهي، جيڪي جلد چائنا روانا ٿيندا. پاڪستان جو ادارو پيف ميرٽ وارن شاگردن کي وظيفو پڻ مهيا ڪري ٿو. هنن چيو ته سائنو پاڪ وٽرنري اينيمل سائنس اينڊ ووڪيشنل ڪاليج اعلٰى معيار جي تعليم، تحقيق ۽ مهارت تي ٻڌل تربيت مهيا ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي.
جُولاءِ 12, 2025